برسلز-18 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ يورپ جي ناليواري پاليسي اداري سينٽر فار يورپين پاليسي اسٽيڊيز (سي اي پي ايس) جي دعوت تي برسلز پهچي ويو، جتي هو اهم عالمي ڪانفرنس Transboundary Water Resources: A Weaponized Global Common ۾ شرڪت ڪندو. وزارت موجب ڪانفرنس جو بندوبست سي اي پي ايس ۽ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جي …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سينٽر فار يورپين پاليسي اسٽيڊيز جي دعوت تي برسلز پهچي ويو
برسلز-18 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ يورپ جي ناليواري پاليسي اداري سينٽر فار يورپين پاليسي اسٽيڊيز (سي اي پي ايس) جي دعوت تي برسلز پهچي ويو، جتي هو اهم عالمي ڪانفرنس Transboundary Water Resources: A Weaponized Global Common ۾ شرڪت ڪندو. وزارت موجب ڪانفرنس جو بندوبست سي اي پي ايس ۽ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جي سهڪار سان ڪيو پيو وڃي. ڪانفرنس ۾ يورپي پارليامينٽ جا ميمبر، عالمي قانون جا ماهر، سفارتڪار، پاليسي ساز، ماحوليات جا ماهر ۽ آبي وسيلن جي شعبي سان واڳيل شخصيتون شرڪت ڪنديون. ڪانفرنس ۾ موسمياتي تبديلي، عالمي آبي سلامتي، سرحد پار آبي وسيلن، سنڌ طاس معاهدي ۽ عالمي قانونن جي روشنيءَ ۾ پاڻيءَ جي وڌندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ڪانفرنس ۾ شرڪت کان اڳ خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي قبولڻ نه جوڳو سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڻي هڪ قدرتي وسيلو نه پر ڪروڙين انسانن جي روزگار، خوراڪ، زراعت، معيشت ۽ قومي سلامتي سان جڙيل معاملو آهي.












