ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ڄامشورو جي 35 رڪني شاگردن جي وفد جو فيڪلٽي ميمبرن سان گڏ پارليامينٽ هائوس اسلام آباد جو مطالعاتي دورو

اسلام آباد - 18 جون (اي پي پي) ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ڄامشورو جي 35 رڪني شاگردن جي وفد فيڪلٽي ميمبرن سان گڏ پارليامينٽ هائوس اسلام آباد جو مطالعاتي دورو ڪيو. پارليامينٽ هائوس اچڻ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ جي عملدارن وفد کي ڀليڪار ڪيو. شاگردن جي وفد کي سينيٽ ميوزيم جو دورو ڪرايو ويو جتي انهن کي پاڪستان جي پارلياماني تاريخ، سينيٽ جي قيام ۽ ارتقاءَ، آئيني سفر ۽ قومي قانونسازي ۾ …

اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ڄامشورو جي 35 رڪني شاگردن جي وفد فيڪلٽي ميمبرن سان گڏ پارليامينٽ هائوس اسلام آباد جو مطالعاتي دورو ڪيو. پارليامينٽ هائوس اچڻ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ جي عملدارن وفد کي ڀليڪار ڪيو. شاگردن جي وفد کي سينيٽ ميوزيم جو دورو ڪرايو ويو جتي انهن کي پاڪستان جي پارلياماني تاريخ، سينيٽ جي قيام ۽ ارتقاءَ، آئيني سفر ۽ قومي قانونسازي ۾ سينيٽ جي اهم ڪردار بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وفد کي سينيٽ جي تاريخ ۽ ڪارڪردگي تي ٻڌل هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. وفد سينيٽ جي اجلاس جي ڪارروائي پڻ ڏٺي ۽ سينيٽ ميمبرن پاران قانونسازي، عوامي مسئلن جي حل ۽ قومي اهميت جي معاملن تي ٿيندڙ بحث ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. شاگردن پارلياماني طريقيڪار، قانونسازي جي مرحلن ۽ سينيٽ جي ذميوارين بابت مختلف سوال ڪيا جن جا سينيٽ سيڪريٽريٽ جي عملدارن تفصيلي جواب ڏنا. ان موقعي تي شاگردن پارليامينٽ هائوس جي دوري کي انتهائي معلومات ۽ ڪارائتو قرار ڏيندي چيو ته اهڙا مطالعاتي دورا نوجوان نسل ۾ جمهوري قدرن، آئيني شعور ۽ قومي ادارن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هنن دوري جي بهترين انتظامن ۽ جامع بريفنگز تي سينيٽ سيڪريٽريٽ جي عملدارن جا ٿورا ادا ڪيا. وفد ۾ ايڊمنسٽريٽو آفيسر هيرو ٺاڪر، اسسٽنٽ پروفيسر مسعُود اختر، اسسٽنٽ پروفيسر غلام علي، ليڪچرر مُزمل ميمڻ ۽ پيٽارو ڪاليج ڄامشورو سنڌ جا 35 ڪيڊٽس شامل هُئا .