نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي بحرين جي پرڏيهي وزير کي ٽيليفون، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيڻ تي مبارڪباد

اسلام آباد - 18 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ٽيليفون ڪري آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس موجب هن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۾ سهولت جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ثالثي ڪردار کي پڻ ساراهيو. ٻنهي …

اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ٽيليفون ڪري آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس موجب هن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۾ سهولت جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ثالثي ڪردار کي پڻ ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ان اهم اڳڀرائي تي هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهو قدم خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جي توثيق ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعلى سطح جي رابطن ۽ ويجهي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.