آمريڪا ۽ ايران جي صدرن تاريخي "اسلام آباد مفاهمتي يادداشت” تي اليڪٽرانڪ صحيحُون ڪري ڇڏيُون آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ "اسلام آباد مفاهمتي يادداشت" تي صحيحن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته فوري طور تي لاڳو هن مفاهمت جي يادداشت جي پهرين مرحلي ايران فوري طور تي آبنائي هرمز کي ٻيهر کولي ڇڏيندو، جڏهن ته آمريڪا فوري طور تي سامُونڊي ناڪابندي ختم ڪري ڇڏيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن ايڪس تي پنهنجي …

اسلام آباد- 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ "اسلام آباد مفاهمتي يادداشت” تي صحيحن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته فوري طور تي لاڳو هن مفاهمت جي يادداشت جي پهرين مرحلي ايران فوري طور تي آبنائي هرمز کي ٻيهر کولي ڇڏيندو، جڏهن ته آمريڪا فوري طور تي سامُونڊي ناڪابندي ختم ڪري ڇڏيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اهو اعلان ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي خوشي ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي "اسلام آباد مفاهمتي يادداشت” تي اڄ اليڪٽرانڪ صحيحُون ڪيُون ويُون آهن. وزيراعظم ٻُڌايو ته يادداشت تي ٻنهي ملڪن جي صدرن صحيحُون ڪيُون آهن، جڏهن ته ثالث جي حيثيت سان انهن به جي توثيق ڪئي آهي. ان معاهدي تي لاڳاپيل حڪومتن پاران اعليٰ ترين سطح تي هن صحيحُون ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ڌريون تڪرار جي سفارتي حل لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد مفاهمتي ياداشت فوري طور تي لاڳو ٿيندي ۽ ان جي پهرين مرحلي ۾ اسلامي جمهوريه ايران فوري طور تي آبنائي هرمز کي ٻيهر کوليندو جڏهن ته آمريڪا فوري طور تي سامُونڊي ناڪابندي ختم ڪندو. وزيراعظم چيو ته آئُون آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي هن مفاهمت جي يادداشت طئه ٿيڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته سندس سفارتڪاري سان پختي وابستگي ۽ تڪرارن جي پرامن حل کي ترجيح ڏيڻ جي پاليسي هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي بحران جي خاتمي ۾ مدد ڏني جيڪو خطي ۽ دنيا لاءِ تباهي آڻيندڙ نتيجن جو سبب بڻجي ٿي سگهيو. وزيراعظم چيو ته آئُون آمريڪي ڳالهين واري ٽيم جنهن ۾ جي ڊي وينس، اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر جي اڻٿڪ محنت، لگن ۽ وڏين خدمتن کي به ساراهيان ٿو، جن هن تاريخي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد مجتبيٰ حسيني خامنه اي ۽ صدر مسعود پزشڪيان جي ڏاهپ وارن فيصلن، دور انديشي ۽ مدبراڻي قيادت کي به خراج تحسين پيش ڪري ٿو، جنهن امن جي مقصد کي اختيار ڪندي قيمتي قيادت جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم ايراني ڳالهين واري ٽيم جنهن ۾ محمد باقر قاليباف، عباس عراقچي ۽ اسڪندر مومني شامل هُئا جي صبر، حوصلي ۽ لاڀائتين ڳالهين جي عزم هِن معاهدي کي پُڄاڻي تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن خاص طور تي قطر جي قيادت جي مخلصاڻين ڪوششن ۽ مثبت ڪردار جو به اعتراف ڪيو، جن هن اڳڀرائي کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم مدد فراهم ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو هن سلسلي ۾ سعودي عرب، ترڪيه ۽ جمهوريه عرب مصر جي قيادت جي اهم ڪردار ۽ قيمتي خدمتن کي به تمام وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. وزيراعظم فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو خاص ذڪر ڪيو ۽ چيو ته سندس اڻٿڪ ڪوششون، بي لوث عزم ۽ اهم ڪردار هن اهم اڳڀرائي کي ممڪن بڻائڻ ۽ امن ۽ علائقائي استحڪام کي فروغ ۾ تمام گهڻو اهم ڪردار ادا ڪيو. هن دعا ڪئي ته هي مفاهمتي يادداشت خطي ۾ گڏيل مفاهمت، احترام ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ پائيدار بنياد ثابت ٿئي.

مزید خبریں