اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جي اڳڀرائي کي خطي ۽ عالمي برادري لاءِ مثبت ۽ ساراهه جوڳو قرار ڏيندي پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي سفارتي …
آمريڪا ايران امن معاهدو ساراهه جوڳو آهي، شهباز شريف ۽ عاصم منير جي سفارتي ڪوششن جو عالمي اعتراف تحسين جوڳو آهي: محمد حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جي اڳڀرائي کي خطي ۽ عالمي برادري لاءِ مثبت ۽ ساراهه جوڳو قرار ڏيندي پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف انتهائي تحسين جوڳو آهي. پاڪستان هميشه امن، استحڪام ۽ تعميري سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو ۽ موجوده قيادت جي ڪوششن ملڪ جي مثبت سڃاڻپ ۽ سفارتي وقار کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي ڪاميابي، سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. هن مفاهمت سان خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ايندي ۽ اقتصادي سرگرميون، واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطاڪاري جي منصوبن کي هٿي ملندي. اي پي پي/ ز – ج / ج – پ 18:40










