اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان آزاد ڄمون ڪشمير جي جماعت اسلامي جي امير ڊاڪٽر مشتاق جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران آزاد ڄمون ڪشمير بابت اهم سياسي ۽ عوامي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفد درپيش مسئلن ۽ عوامي ڀلائي بابت مختلف …
وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان ڊاڪٽر مشتاق جي اڳواڻي ۾ وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان آزاد ڄمون ڪشمير جي جماعت اسلامي جي امير ڊاڪٽر مشتاق جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران آزاد ڄمون ڪشمير بابت اهم سياسي ۽ عوامي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفد درپيش مسئلن ۽ عوامي ڀلائي بابت مختلف تجويزون وفاقي وزير آڏو پيش ڪيون. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام وفد جي آجيان ڪندي حڪومت طرفان آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ جاري قدمن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين طرفان گڏيل تعاون، مشاورت ۽ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.











