اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي پنهنجي اطالوي هم منصب انتونيو تاجاني ٽيليفون ڪئي. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير اطالوي قيادت جا ٿورا ادا ڪيا جن ۾ وزيراعظم جورجيا ميلوني پاران پاڪستان جي انهن سفارتي ڪوششن کي ساراهڻ پڻ شامل آهي جنهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۾ معاون ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي اطالوي هم منصب انتونيو تاجاني جو فون

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي پنهنجي اطالوي هم منصب انتونيو تاجاني ٽيليفون ڪئي. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير اطالوي قيادت جا ٿورا ادا ڪيا جن ۾ وزيراعظم جورجيا ميلوني پاران پاڪستان جي انهن سفارتي ڪوششن کي ساراهڻ پڻ شامل آهي جنهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۾ معاون ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته طئي ٿيل مفاهمتن تي موثر عملدرآمد ۽ خطي ۾ خاص طور تي لبنان سميت، پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي ڪوششن جو تسلسل انتهائي اهم آهي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته آبنائي هرمز جو کليل رهڻ عالمي توانائي جي پهچ، واپار ۽ وسيع تر عالمي معيشت جي لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ لاڳاپن جي مثبت رخ کي ساراهيندي ٻنهي ڌرين تازو ئي پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ سفارتي پاسپورٽ رکندڙن جي لاءِ ويزا جي خاتمي بابت معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.










