اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن آغا رفيع الله، اعجاز حسين جکراڻي، ذوالفقار ڀنڊر، علي جان مزاري ۽ ثمر هارون بلور جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقاتن ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم جي عالمي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪامياب ڪوششن تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم جي قيادت …
وزيراعظم سان قومي اسيمبلي ميمبرن آغا رفيع الله، اعجاز حسين جکراڻي، ذوالفقار ڀنڊر، علي جان مزاري ۽ ثمر هارون بلور جي ملاقات
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن آغا رفيع الله، اعجاز حسين جکراڻي، ذوالفقار ڀنڊر، علي جان مزاري ۽ ثمر هارون بلور جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقاتن ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم جي عالمي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪامياب ڪوششن تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ سائي جهنڊي کي تاريخي عزت ملي ۽ پاڪستان جو نالو عالمي دنيا ۾ بلند ٿيو. وزيراعظم قومي اسيمبلي ميمبرن جي جذبن جي آجيان ڪئي. اسيمبلي ميمبرن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي قومي مفادن جي تحفظ ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي ايجنڊا جي تڪميل لاءِ وزيراعظم جي قيادت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا. ملاقاتن ۾ عوامي معاملن واري يونٽ بابت وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال ۽ خاص معاون طلحى برڪيءَ پڻ شريڪ هئا.












