وزيراعظم سان سينيٽر مير دوستين خان ڊومڪي، قومي اسيمبلي ميمبرن چوڌري نديم عباس، ڊاڪٽر صدف احسان الله، چوڌري عثمان ۽ محمد ادريس جي جدا جدا ملاقات

اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سينيٽر مير دوستين خان ڊومڪي، قومي اسيمبلي ميمبرن چوڌري نديم عباس، ڊاڪٽر صدف احسان الله، چوڌري عثمان ۽ محمد ادريس جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي عالمي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪامياب ڪوششن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. ميمبرن چيو ته …

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سينيٽر مير دوستين خان ڊومڪي، قومي اسيمبلي ميمبرن چوڌري نديم عباس، ڊاڪٽر صدف احسان الله، چوڌري عثمان ۽ محمد ادريس جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي عالمي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪامياب ڪوششن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. ميمبرن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ تاريخي عزت ملي ۽ پاڪستان جي ڪوششن جي ڪري خطي ۾ امن قائم ٿيڻ ممڪن ٿيو. وزيراعظم قومي اسيمبلي ميمبرن جي جذبن جي آجيان ڪئي. اسيمبلي ميمبرن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي قومي مفادن جي تحفظ ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي ايجنڊا جي تڪميل جي لاءِ وزيراعظم جي قيادت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا. ملاقاتن ۾ عوامي معاملن واري يونٽ بابت وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال ۽ خاص معاون طلحى برڪيءَ پڻ شريڪ هئا.