ٽين عالمي جنگ کي روڪڻ جو اعزاز پاڪستان جي حصي ۾ آيو آهي، پاڪستان نوبل امن ايوارڊ جو حقدار آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر

اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته ٽين عالمي جنگ کي روڪڻ جو اعزاز پاڪستان جي حصي ۾ آيو آهي، پاڪستان نوبل امن ايوارڊ جو حقدار آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي تي ڳالهائيندي اسپيڪر  چيو ته الله تعاليٰ جو جيترو به شڪر ادا ڪيان گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ …

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته ٽين عالمي جنگ کي روڪڻ جو اعزاز پاڪستان جي حصي ۾ آيو آهي، پاڪستان نوبل امن ايوارڊ جو حقدار آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي تي ڳالهائيندي اسپيڪر  چيو ته الله تعاليٰ جو جيترو به شڪر ادا ڪيان گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ اهو اعزاز پاڪستان کي ڏنو آهي ۽ پاڪستان کي اها عزت ملي جنهن جي ڪري ٽين عظيم جنگ شايد ٿيڻ کان رڪجي وئي. هن چيو ته ايران آمريڪا امن معاهدي تي هو حڪومت، عوام ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي مبارڪون ڏئي ٿو. ان معاهدي تي وزيراعظم پاڪستان ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار به مبارڪن جا مستحق آهن جن جي اڻٿڪ ۽ مسلسل ڪوششن سان اڳڀرائي ممڪن ٿي سگهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته هو چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي مسلسل ڪوششن ۽ محنت کي به خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، گهرو وزير محسن نقوي جي مسلسل رابطن، قومي سلامتي جي مشير جي ڪوششن، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، پرڏيهي آفيس جي ٽيم ۽ معاهدي تي اتفاق راءِ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ به تعريف لائق آهن.   هن چيو ته پاڪستان جي قيادت نوبل امن پرائيز جي حقدار آهي، اسپيڪر مهمانن جي گئلري ۾ دوست ملڪن جي سفيرن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ايران جو سفير رضا اميري مقدم هتي هڪ ناليواري شخصيت آهي، اسان سڀني سان ان جو تعلق به آهي ۽ هن سڄي معاملي ۾ سندس ڪوششون به ساراهه جوڳيون آهن.