اسلام آباد - 15 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس (ايف سي ڊي او) جي لاءِ پارلياماني نائب پرڏيهي وزير هميش فالڪنر ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب هميش فالڪنر آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدي کي ممڪن بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مثبت سفارتي ڪردار کي تمام گهڻو ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي ايف سي ڊي او جي لاءِ پارلياماني نائب پرڏيهي وزير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس (ايف سي ڊي او) جي لاءِ پارلياماني نائب پرڏيهي وزير هميش فالڪنر ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب هميش فالڪنر آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدي کي ممڪن بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مثبت سفارتي ڪردار کي تمام گهڻو ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پائيدار علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.










