اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مردان ويجهو پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪستان نيوي جي ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ڪئي ۽ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم …
صدر پاران پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪستان نيوي جي ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي جي شهادت تي ڏُک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مردان ويجهو پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪستان نيوي جي ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ڪئي ۽ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پونئرن کي صدمو برداشت ڪرڻ جي همٿ ۽ انهن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي. صدر چيو ته قوم پنهنجي بهادر جوانن جُون قربانيُون سدائين ياد رکندي، جن پنهنجُون قيمتُون جانيُون مُلڪ جي دفاع لاءِ نڇاور ڪري ڇڏيُون.










