وزيراعظم پاران مردان ويجهو پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪستان نيوي جي ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي جي شهادت تي ڏُک جو اظهار

اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مردان ويجهو پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪستان نيوي جي ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ڪئي ۽ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم …

اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مردان ويجهو پاڪ فضائيه جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪستان نيوي جي ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ڪئي ۽ فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ ليفٽيننٽ طحهٰ عباسي جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سوڳوار خاندانن کي صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو ۽ صبر عطا فرمائي. هن چيو ته وطن جي دفاع جي لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت بيمثال آهي.

مزید خبریں