اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمت جي اعلان جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهو هڪ حتمي معاهدي جي راهه هموار ڪندو ۽ خطي ۾ پائيدار ۽ جامع امن جو بنياد بڻجندو. سومر ڏينهن "ايڪس" تي پنهنجي بيان ۾، صدر چيو ته پاڪستان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته اُن هِن مشڪل وقت ۾ سدائين …
صدر آصف علي زرداري پاران آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمت جي اعلان جي آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمت جي اعلان جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهو هڪ حتمي معاهدي جي راهه هموار ڪندو ۽ خطي ۾ پائيدار ۽ جامع امن جو بنياد بڻجندو. سومر ڏينهن "ايڪس” تي پنهنجي بيان ۾، صدر چيو ته پاڪستان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته اُن هِن مشڪل وقت ۾ سدائين ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي مسلسل حمايت ڪئي آهي. اها اڳڀرائي گهڻ طرفي تعاون کي مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل احترام ۽ بامعني رابطن جي وسيلي تڪرارن جي پرامن حل کي فروغ ڏيڻ طرف به هڪ اهم قدم آهي. هن دعا ڪئي ته اهي ڪوششون خطي ۽ پُوري دنيا جي لاءِ وڌيڪ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو سبب بڻجن.










