اسلام آباد جي نجي اسڪُولن پاران ‘ڪوبه ٻار پوئتي نه رهجي وڃي’ مهم تحت 4,000 کان وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي داخل ڪرڻ جو عمل شروع

اسلام آباد- 14 جون (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري جي دُور انديش قيادت ۽ سهڪاري ادارن جي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ 'ڪوبه ٻار پوئتي نه رهجي وڃي' مهم تحت اسلام آباد ۾ 4,000 کان وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي نجي تعليمي ادارن ۾ ڪارپوريٽ سماجي ذميواري (سي ايس آر) تحت داخل ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. ان اهم …

اسلام آباد- 14 جون (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري جي دُور انديش قيادت ۽ سهڪاري ادارن جي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ ‘ڪوبه ٻار پوئتي نه رهجي وڃي’ مهم تحت اسلام آباد ۾ 4,000 کان وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي نجي تعليمي ادارن ۾ ڪارپوريٽ سماجي ذميواري (سي ايس آر) تحت داخل ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. ان اهم اڳڀرائي جو جائزو پيرا جي هيڊ ڪوارٽر ۾ پيرا جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي ملاح جي صدارت ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ ورتو ويو. اجلاس ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) جي ڊائريڪٽر جنرل علي اصغر، جائيڪا جي نمائندي بلال عزيز ۽ پيرا جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن تعليم واري وفاقي سيڪريٽري جي اهم ڪردار کي ساراهيندي چيو ته مُلڪ جي هر ٻار کي تعليم جي دائري ۾ آڻڻ جي قومي مشن ۾ سندس قيادت، رهنمائي ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر هم آهنگي انتهائي اهم ثابت ٿي آهي. سندس مسلسل سرپرستي جي ڪري، داخلا مهم تيزي آئي آهي ۽ مختلف ادارا قومي تعليمي ايجنڊا ۾ ڀرپُور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڊي جي اين سي ايڇ ڊي اجلاس کي ٻڌايو ته اسلام آباد جي ڳوٺاڻين يونين ڪائونسلن ۾ لڳ ڀڳ 80,000 گهرن جي هڪ جامع سروي دوران، 5 کان 16 سالن جي عمر جي 24,000 کان وڌيڪ ٻارن جي اسڪول کان ٻاهر هُجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي. انهن ٻارن کي ويجهن تعليمي ادارن ۾ داخلا لاءِ وفاقي ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن (ايف ڊي اي) ۽ پيرا جي حوالي ڪيو ويو آهي. پي اي آءِ آر اي ان ۾ مهم ۾ 100 کان وڌيڪ نجي اسڪولن کي شامل ڪيو، جنهن واکاڻ جوڳي جذبي جو مظاهرو ڪندي، 4,000 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت داخلا فراهم ڪئي آهي. پيرا جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي ملاح نجي تعليمي ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن هن شروعات کي صرف ريگيوليٽري ذميواري جي بدران هڪ قومي مشن طور اختيار ڪيو آهي، جيڪو سماجي ذميواري ۽ تعليمي برابري جي فروغ لاءِ انهن جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. ڊاڪٽر غلام علي ملاح چيو ته پيرا اهو يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ته وڌ کان وڌ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي نجي تعليمي ادارن ۾ داخلا ڏياري وڃي. هن چيو ته نجي اسڪولن جي مالڪن ۽ انتظاميا مثبت ۽ مڪمل تعاون جو مُظاهرو ڪيو آهي ۽ اهي حڪومت جي تعليمي ايمرجنسي مهم ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. چيئرمين پيرا هن قومي مهم ۾ سهڪاري ادارن اين سي ايڇ ڊي، بي اي سي ايس، اين اي ايف، ايف ڊي اي، پي آءِ اِي، جيڪا ۽ مختلف عالمي غير سرڪاري تنظيمون (آءِ اين جي اوز) جي خدمتن جي پڻ واکاڻ ڪئي جن تعليم واري وزارت جي ڪوششن کي هٿي ڏني آهي. هن پي آءِ اِي آر اي ( پيرا) جي ٽيمن کي هدايت ڪئي ته داخلا جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي وڃي، شاگردن جي حاضري ۽ برقرار رهڻ جي نگراني ڪئي وڃي ۽ اسڪولن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي ته جيئن نوان داخل ٿيندڙ ٻار پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن. اجلاس ۾ اهو به اتفاق ڪيو ويو ته داخل ٿيل ٻارن کي مفت درسي ڪتاب، اسٽيشنري ۽ ٻيو تعليمي مواد فراهم ڪيو ويندو. مهم جي شفافيت ۽ موثر نگراني کي نيشنل فارمل اينڊ نان فارمل ايجوڪيشن مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم (NFEMIS) ذريعي يقيني بڻايو پيو وڃي، جيڪو PIE  جائيڪا جي فني مدد سان هلائي رهيو آهي. اجلاس جي پُڄاڻي تي سڀني شرڪت ڪندڙن ان عزم کي ورجايو ته جُون 2026ع جي آخر تائين اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ 25,000 اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي داخل ڪرڻ جي هدف کي حاصل ڪيو ويندو، ته جيئن "ڪوبه تعليم کان محروم نه رهي” واري گڏيل ويزن کي عملي جامو پارائي سگهجي.