اسلام آباد- 14 جون (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رت جي عطيئي جو عالمي ڏينهن آچر 14 جون تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد رت جي ضرورت جي باري ۾ عوامي سطح تي ڄاڻ پيدا ڪرڻ ۽ انساني زندگيون بچائڻ لاءِ رضا ڪاراڻي ۽ بنا ڪنهن معاوضي جي رت عطيو ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪرڻ آهي. صحت جي عالمي اداري پاڪستان جي عوام کي …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رت جي عطئي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو
اسلام آباد- 14 جون (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رت جي عطيئي جو عالمي ڏينهن آچر 14 جون تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد رت جي ضرورت جي باري ۾ عوامي سطح تي ڄاڻ پيدا ڪرڻ ۽ انساني زندگيون بچائڻ لاءِ رضا ڪاراڻي ۽ بنا ڪنهن معاوضي جي رت عطيو ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪرڻ آهي. صحت جي عالمي اداري پاڪستان جي عوام کي رت جو عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. رت عطيو ڪندڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان کي سالياني اٽڪل 23 لک رت جي عطين جي کوٽ درپيش آهي. صحت جي عالمي اداري موجب پاڪستان کي هر سال 50 لک کان وڌيڪ رت جي عطين جي ضرورت هوندي آهي جڏهن ته ملڪ ۾ هن وقت اٽڪل سالياني طور تي 27 لک عطيا جمع ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ رضاڪاراڻي ۽ بنا ڪنهن معاوضي عطين جي شرح جو گڏيل تعداد صرف 18 سيڪڙو آهي. پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر لوو داپينگ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ملڪ ۾ وڌنڌڙ طبي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ماڻهو رت جو عطيو ڏين ته جيئن قيمتي انساني جانيون بچائي سگهجن.











