اسلام آباد-14 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمهوريه ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گڏيل مفاهمت طرف حوصلو ڏيندڙ اڳڀرائي جي آجيان ڪئي، هنن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان هاڪاري …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد-14 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمهوريه ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گڏيل مفاهمت طرف حوصلو ڏيندڙ اڳڀرائي جي آجيان ڪئي، هنن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان هاڪاري اڳڀرائي سان خطي ۾ ديرپا امن ۽ استحڪام جو رستو هموار ٿيندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ايندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان گڏيل رابطن ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.











