اسلام آباد -14 جون (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي قومي اسيمبلي جي ميمبر ميان خان بگٽي وفاقي بجيٽ کي مجموعي طور هڪ مثبت ۽ عوام دوست اڳڀرائي قرار ڏيندي حڪومت جي معاشي رخ کي ساراهيو. قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ حصو وٺندي هن معاشي استحڪام ۽ عوامي رليف لاءِ کنيل قدمن جي آجيان ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته هن بجيٽ جا مثبت …
عوام دوست بجيٽ جي تائيد ۽ بلوچستان جي ترقي جو عزم: ميان خان بگٽي جون قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تجويزون پيش
اسلام آباد -14 جون (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي قومي اسيمبلي جي ميمبر ميان خان بگٽي وفاقي بجيٽ کي مجموعي طور هڪ مثبت ۽ عوام دوست اڳڀرائي قرار ڏيندي حڪومت جي معاشي رخ کي ساراهيو. قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ حصو وٺندي هن معاشي استحڪام ۽ عوامي رليف لاءِ کنيل قدمن جي آجيان ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته هن بجيٽ جا مثبت ثمر بلوچستان جي ڏورانهن علائقن تائين پهچائڻ لاءِ وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪم ڪندا. بجيٽ جي مختلف پاسن تي ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي معتبر سڃاڻپ کي به اجاگر ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم هٿياربند فوج امن استحڪام لاءِ جيڪو مخلصاڻو ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، اڄ پوري دنيا ان کي ساراهي رهي آهي. هن خطي ۾ امن جي مثبت ماحول کي سيڙپڪاري ۽ اقتصادي ترقي لاءِ انتهائي سازگار قرارڏنو. پنهنجي تڪ جي پنجن ضلعن خاص ڪري ڊيره بگٽي ۽ سبي جي ترقي تي فوڪس ڪندي مسلم ليگ (ن) جي ميمبر هڪ اهم ۽ تعميري مطالبو ايوان سامهون پيش ڪيو. هن چيو ته هي بجيٽ جو هڪ بهترين ۽ مثبت اصول هئڻ گهرجي ته جن ضلعن ۾ گئس جهڙا قدرتي ذخيرا نڪرن ٿا، اتي جي مقامي رهواسين کي سڀ کان پهرين گئس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اتي جو عام ماڻهو سڌي ريت ملڪي ترقي جي ان سفر ۾ شامل ٿي سگهي. ميان خان بگٽي خاص طور تي سوئي ۽ پير ڪوهه جهڙن علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي منصوبن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. هن اميد ظاهر ڪئي ته موجوده عوام دوست بجيٽ تحت بلوچستان جي انفراسٽرڪچر ۽ بنيادي سهولتن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، جنهن سان صوبي جي عوام جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي.












