اسلام آباد -14 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته اسان پي ٽي آءِ جي دور جي فسطائيت ۽ جمهوريت جو چهرو ڏٺو آهي، ان وقت ايوان جي گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا ويندا هئا، ايوان ۾ روزمره جي ايجنڊا به ڊڪٽيشن وٺي آندي ويندي هئي، آچر تي قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر پاران اٿاريل …
اسان پي ٽي آءِ جي دور جي فسطائيت ۽ جمهوريت جو چهرو ڏٺو آهي: احسن اقبال
اسلام آباد -14 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته اسان پي ٽي آءِ جي دور جي فسطائيت ۽ جمهوريت جو چهرو ڏٺو آهي، ان وقت ايوان جي گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا ويندا هئا، ايوان ۾ روزمره جي ايجنڊا به ڊڪٽيشن وٺي آندي ويندي هئي، آچر تي قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر پاران اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته اسان بجيٽ تي تقرير ڪري رهيا آهيون، هتي اسان کي حقيقتن تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، غلط بياني کان پاسو ڪرڻ گهرجي، اسان پي ٽي آءِ جي دور ۾ جمهوريت ڏٺي آهي، جڏهن اسان ان ايوان جي گرفتار ميمبرن جي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ اسپيڪر چيمبر ۾ وڃي منٿون ڪندا هئاسين تڏهن به پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيندا هئا، اسان انهن جي دور ۾ پارليامينٽ جي آزادي به ڏٺي آهي جڏهن هڪ شخص هتي تحريڪ التويٰ جو فيصلو به ڪندو هو، آرڊر آف ڊي به ان جي مرضي سان ٺاهيو ويندو هو. هن چيو ته هي عدليه جي آزادي جي ڳالهه ٿا ڪن جڏهن سندن دور ۾ پنجاب ۾ مقامي حڪومتن کي بحال ڪيو ويو تڏهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي 9 مهينن تائين عملدرآمد نه ڪيو ويو. سندن دور ۾ نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز، خواجه آصف، سعد رفيق، حمزه شهباز شريف ۽ راڻا ثناء الله سميت ٻين اڳواڻن جيل ڪاٽيا، سندن دور ۾ مخالف ڌر کي ديوار سان لڳايو ويو، انهن جي فسطائيت ۽ جمهوريت جو چهرو سڀني ڏٺو آهي. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته بجيٽ حڪومت جو نه آءِ ايم ايف جو آهي، هن وقت معيشت ڪمزور ٿي رهي آهي، پنهنجي پنهنجي دورن جي سڌارن تي هتي بحث لاءِ تيار آهيون، اسان شوگر مافيا تي هٿ وڌا. هن چيو ته ميثاق معيشت تي اسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اچو گڏجي ويهي سڀني لاءِ قبوليت جوڳو اليڪشن ڪميشن قائم ڪيون، اسان عدليه جي آزادي ۽ پارليامان جي مضبوطي جي حق ۾ آهيون، ان لاءِ اچو ته سڀ گڏجي ويهون، هن چيو ته تماڪ جو 70 سيڪڙو اسان جي علائقي ۾ پيدا ٿئي ٿو، ڪشمير ۾ جيڪا صورتحال آهي ان جو حل ڳالهيون آهن، تربيله ڊيم مان 6418 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿئي ٿي، پوري صوبي جي 3300 ميگاواٽ آهي، اسان جي علائقي ۾ 12-12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جتان بجلي پيدا ٿيندي آهي اتي جي ماڻهن جو پهريون حق آهي. اسان چاهيون ٿا ته پارليامينٽ آزاد ۽ عوام جي نمائنده هجي.












