اسلام آباد -14 جون (اي پي پي) ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ جي چيئرمين ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال حسين ملڪ جميعت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ۽ مسئلن جي پرامن ۽ سياسي حل تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ جي يو آءِ ڪشمير جي امير مولانا سعيد يوسف، محمد اسلم غوري، انجنيئر ضياء …
مولانا فضل الرحمان سان مشعال حسين ملڪ جي ملاقات
اسلام آباد -14 جون (اي پي پي) ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ جي چيئرمين ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال حسين ملڪ جميعت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ۽ مسئلن جي پرامن ۽ سياسي حل تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ جي يو آءِ ڪشمير جي امير مولانا سعيد يوسف، محمد اسلم غوري، انجنيئر ضياء الرحمان شريڪ ٿيا.












