اسلام آباد-14 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي وفاقي بجيٽ تي عام بحث آچر تي به جاري رهيو، ان دوران حڪومتي ميمبرن بجيٽ کي عام ماڻهو لاءِ سٺي ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته گهٽ آمدني وارن تي بجيٽ ۾ ٽيڪس جو بار گهٽ ڪيو ويو آهي، پگهاردار طبقي لاءِ به ٽيڪسز ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته مخالف ڌر بجيٽ تي تنقيد ڪندي …
قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي وفاقي بجيٽ تي عام بحث جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-14 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي وفاقي بجيٽ تي عام بحث آچر تي به جاري رهيو، ان دوران حڪومتي ميمبرن بجيٽ کي عام ماڻهو لاءِ سٺي ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته گهٽ آمدني وارن تي بجيٽ ۾ ٽيڪس جو بار گهٽ ڪيو ويو آهي، پگهاردار طبقي لاءِ به ٽيڪسز ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته مخالف ڌر بجيٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته وچولي طبقي جي استعمال جون شيون مهانگيون ٿيون آهن. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي وفاقي بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺندي مسلم ليگ (ن) جي ميمبر جمال خان ڪاڪڙ چيو ته بلوچستان ۾ امن امان کي ترجيح ڏني وڃي، اتي جا ماڻهو امن چاهين ٿا. تفتان بارڊر کي کوليو وڃي ۽ اتي ڪسٽم جي عملي کي مقرر ڪيو وڃي، ان سان روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. مخالف ڌر جي ميمبر شاهد خٽڪ چيو ته موجوده حڪومت جي اها پنجين بجيٽ آهي، ملڪ ۾ مهانگائي جو ٻوڏ آهي، پيٽرول جون قيمتون تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهن، وچولي طبقي جي استعمال جون شيون مهانگيون ٿيون آهن. گهٽ آمدني وارن کي ڏکيائيون درپيش آهن، هي اسان جو ملڪ آهي، ان کي ٺاهڻ ۾ اسان جي ابن ڏاڏن جو رت شامل آهي، بجيٽ ۾ جيڪڏهن عام ماڻهو کي رليف ملندو آهي ته اها بهتر بجيٽ هوندي آهي، ايف بي آر جو هدف هلندڙ سال پورو نه ٿي سگهيو، ان ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ايندڙ سال جي هدف ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي اهو ڪيئن پورو ٿيندو. ان قسم جي هدف جي شارٽ فال سان مالي مسئلا پيدا ٿيندا آهن. ان ڊائريڪٽ ٽيڪس جو هدف به پورو نه ٿي سگهيو پوءِ ان جو به هدف وڌايو ويو. ناڻي واڌ جي شرح 8 سيڪڙو آهي جڏهن ته بجلي، ٽرانسپورٽ سميت ٻيا انفليشنز وڌيڪ آهن. عوام جي مسئلن جو حل اسان جي ذميواري آهي، هن چيو ته زراعت جو شعبو معيشت کي سڌاري سگهي ٿو پر ان لاءِ رڳو 4 ارب روپيا رکيا ويا آهن. انهن مسئلن جو حل جديديت تي ٻڌل ڊگهي مدي واري پاليسي آهي. پاڪستان انڊين فالس فليگ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، اسان پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهيون، دشمن سندور- 2 جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اسان کي پنهنجي دفاع کي مضبوط بڻائڻو آهي. جمعيت علماءِ اسلام جي ميمبر عثمان باديني چيو ته بلوچستان ۾ موجود معدنيات سان پاڪستان جو قرض ختم ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته اتي رهندڙن جي لاءِ ڪا به پاليسي ناهي. هن چيو ته گوادر پورٽ تي 25 سال کان ڪم ٿي رهيو آهي پر اتي جي رهواسين کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي، ماهيگيرن کي رهڻ لاءِ ڇت ميسر ناهي. هن چيو ته بسيمه خاران شاهراه ٺاهي وڃي، تفتان چمن بارڊر سان اسان ليگل بارڊر ٽريڊ جو تسلسل چاهيون ٿا، اتي پيٽرول نه ملي رهيو آهي ۽ لوڊشيڊنگ جو وقت تمام گهڻو آهي.











