اسلام آباد- 13 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت معاشي استحڪام جي مرحلي کان اڳيان وڌندي هاڻي معاشي ترقي ۽ برآمدات تي ٻڌل واڌويجهه جي سفر جي شروعات ڪري چڪي آهي، جڏهن ته بجيٽ 27-2026ع کي ڪاروبار دوست ۽ ترقي پسند وزن تحت جوڙيو ويو آهي. هن انهن خيالن جو اظهار ڇنڇر ڏينهن پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن چيو …
بجيٽ 27-2026ع کي ڪاروبار دوست ۽ ترقي پسند وزن تحت جوڙيو ويو آهي: ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت معاشي استحڪام جي مرحلي کان اڳيان وڌندي هاڻي معاشي ترقي ۽ برآمدات تي ٻڌل واڌويجهه جي سفر جي شروعات ڪري چڪي آهي، جڏهن ته بجيٽ 27-2026ع کي ڪاروبار دوست ۽ ترقي پسند وزن تحت جوڙيو ويو آهي. هن انهن خيالن جو اظهار ڇنڇر ڏينهن پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي برآمد ڪندڙن لاءِ سپر ٽيڪس ختم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته صنعت ۽ برآمدات جي فروغ لاءِ گهٽ قيمت واري فنانسنگ سهولتون پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ٽيرف سڌارن جي ٻئي مرحلي لاءِ حڪومت پُوري طرح ڪاربند آهي ته جيئن پيداواري لاڳت گهٽ ۽ چٽاڀيٽي ۾ اضافو ٿئي. ناڻي واري وزير چيو ته پگهاردار طبقي ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي ٽيڪس ۾ رليف ڏنو ويو آهي، جڏهن ته تعميرات ۽ گهرن جي شعبن کي بحال ڪرڻ لاءِ ٽرانزيڪشن ٽيڪس ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته زرعي شعبي لاءِ مالي سهولتون وڌائيون ويون آهن ۽ زرعي قرضن جو ماپو 2000 ارب رپين کان وڌي ويو آهي. ننڍن آبادگارن لاءِ ”زرخيزي اسڪيم“ متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن تحت زمين يا گهر گروي رکڻ کانسواءِ قرض فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته وزيراعظم جي نوجوان زراعت قرض پروگرام تحت 262 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جنهن مان 125 ارب رپيا زراعت لاءِ مخصوص آهن. سينيٽر محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ زرعي مشينري، ڪمبائن هارويسٽر ۽ ٻين ويليو ايڊڊ اوزارن جي درآمد تي ڪسٽم ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ايف بي آر کي آٽوميشن ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، انساني مداخلت گهٽائي پئي وڃي ۽ ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ لاءِ ريزڪي اسڪيم سميت مختلف قدم متعارف ڪرايا ويا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ 27-2026ع ۾ موجود مالي صلاحيت کي اقتصادي سرگرمين، سيڙپڪاري، برآمدات ۽ روزگار کي فروغ ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ملندڙ شروعاتي ردعمل ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته پاڪستان هاڻي معاشي ترقي جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي.










