اليڪٽرڪ گاڏين تي موجوده رعايتي نظام ايندڙ سال به برقرار رهندو: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آٽو سيڪٽر اسان جي معيشت جي اهم ترين شعبن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن جي ترقيءَ لاءِ حڪومت مينيوفيڪچرنگ ۽ جديد ٽيڪنالاجيز ۾ نمايان سيڙپڪاري جي حوصله افزائي ڪري رهي آهي. جمعي تي قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026ع جو وفاقي بجيٽ پيش ڪندي هن چيو ته اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلز، رڪشائن، گاڏين …

اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آٽو سيڪٽر اسان جي معيشت جي اهم ترين شعبن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن جي ترقيءَ لاءِ حڪومت مينيوفيڪچرنگ ۽ جديد ٽيڪنالاجيز ۾ نمايان سيڙپڪاري جي حوصله افزائي ڪري رهي آهي. جمعي تي قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026ع جو وفاقي بجيٽ پيش ڪندي هن چيو ته اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلز، رڪشائن، گاڏين ۽ بسن تي موجوده رعايتي نظام ايندڙ سال به برقرار رهندو. ان سلسلي ۾ آمدني واپار ٿيل اليڪٽرڪ ٽرڪن تي به هڪ سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي سهولت فراهم ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته ان سهولت سان انتهائي مهانگيون اليڪٽرڪ گاڏيون فائدو نه کڻي سگهن.