بجيٽ ۾ دفاعي خرچن ۾ واڌ وقت جي ضرورت هئي، ڀارت سان تازي جنگ ۾ اسان جي فوج بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو: خواجه محمد آصف

اسلام آباد-12 جون (اي پي پي)بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته بجيٽ ۾ دفاعي خرچن ۾ واڌ وقت جي ضرورت هئي، ڀارت سان تازي جنگ ۾ اسان جي فوج بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو. هن جمعي ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته خطي جي صورتحال ايران اسرائيل ۽ آمريڪا جنگ سان وڌيڪ غير متوازن آهي، اسان جو پاڙيسري …

اسلام آباد-12 جون (اي پي پي)بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته بجيٽ ۾ دفاعي خرچن ۾ واڌ وقت جي ضرورت هئي، ڀارت سان تازي جنگ ۾ اسان جي فوج بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو. هن جمعي ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته خطي جي صورتحال ايران اسرائيل ۽ آمريڪا جنگ سان وڌيڪ غير متوازن آهي، اسان جو پاڙيسري مودي سرڪار جارحاڻو عزم رکي ٿو ۽ـ پاڪستان خلاف اڳرائي کي پنهنجو پهريون فرض سمجهي ٿو، ان لاءِ وطنِ عزيز جي دفاع ۽ فوجي صلاحيت کي جديد گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ واڌ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان جو دفاع مضبوط آهي، پاڪ فوج جو هر جوان وطنِ عزيز تي قربان ٿيڻ جي جذبي سان سرشار آهي، خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي دفاعي بجيٽ ۾ واڌ وقت جي ضرورت آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته ايران اسرائيل ۽ آمريڪا جي جنگ سان سڄي دنيا سميت خطي ۾ صورتحال غير معمولي آهي، ان لاءِ اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جي دفاع کي مضبوط ترين بنائڻ لاءِ وسيلن کي ڪتب آندو وڃي.