اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پاران جاري ڀرپور ثالثي جي ڪوششن دوران ان مسلسل گمراهه ڪندڙ مهم کان پوري طرح آگاهه آهيون جيڪا امن معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ جي خواهشمند عنصرن پاران هلائي پئي وڃي، امن معاهدي جي حتمي ۽ گڏيل طور تي متفقه متن تي اتفاق ٿي چڪو آهي، امن ڪڏهن به ايترو ويجهو نه هو جيترو اڄ …
پاڪستان پاران جاري ڀرپور ثالثي جي ڪوششن دوران ان مسلسل گمراهه ڪندڙ مهم کان پوري طرح آگاهه آهيون جيڪا امن معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ جي خواهشمند عنصرن پاران هلائي پئي وڃي: وزيراعظم شهباز شريف
اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پاران جاري ڀرپور ثالثي جي ڪوششن دوران ان مسلسل گمراهه ڪندڙ مهم کان پوري طرح آگاهه آهيون جيڪا امن معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ جي خواهشمند عنصرن پاران هلائي پئي وڃي، امن معاهدي جي حتمي ۽ گڏيل طور تي متفقه متن تي اتفاق ٿي چڪو آهي، امن ڪڏهن به ايترو ويجهو نه هو جيترو اڄ آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان پاران جاري ڀرپور ثالثي جي ڪوششن دوران اسان ان مسلسل گمراهه ڪندڙ مهم کان پوري طرح آگاهه آهيون جيڪا امن کي سبوتاز ڪرڻ جي خواهشمند عنصرن پاران هلائي پئي وڃي، گوڙ گهمسان ۽ افواهن کي هڪ طرف رکندي اسان ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهون ٿا ته امن معاهدي جي حتمي ۽ گڏيل طور تي متفقه متن تي اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ پاڪستان هاڻي ٻنهي ڌرين سان ويجهي رابطي ۾ رهندي ايندڙ قدمن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته امن ڪڏهن به ايترو ويجهو نه هو جيترو اڄ آهي.








