ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪسز ۾ ريليف جي قدمن کي اجاگر ڪيو

اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪسز ۾ ريليف جي قدمن کي اجاگر ڪيو، انڪم ٽيڪس ريليف جي قدمن تحت پگهاردار طبقي جي حوالي سان هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت سرڪاري ۽ نجي پگهاردار طبقي جي مشڪلاتن کان آگاهه آهي. وزيراعظم جي هدايت تي اسان جي حڪومت آمدني جي چئن سليبز جي پگهاردار ماڻهن …

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪسز ۾ ريليف جي قدمن کي اجاگر ڪيو، انڪم ٽيڪس ريليف جي قدمن تحت پگهاردار طبقي جي حوالي سان هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت سرڪاري ۽ نجي پگهاردار طبقي جي مشڪلاتن کان آگاهه آهي. وزيراعظم جي هدايت تي اسان جي حڪومت آمدني جي چئن سليبز جي پگهاردار ماڻهن کي ريليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ جيڪو پگهاردار 22 کان 32 لک رپين جي چ ۾ ساليانو ڪمائي ٿو، ان جي ٽيڪس جي شرح 23 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 20 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. 32 لک کان 41 لک رپين جي وچ ۾ آمدني واري پگهاردارن جي لاءِ ٽيڪس جي شرح 30 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، 41 کان 56 لک رپيا آمدني وارن جي لاءِ انڪم ٽيڪس جي شرح 35 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 29 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. اهڙي طرح 56 کان 70 لک رپين تائين پگهار حاصل ڪندڙن جي لاءِ ٽيڪس جي شرح 35 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 32 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پگهار تي لاڳو ٽيڪس جي شرحن ۾ گهٽتائي کانسواءِ اسان هڪ ٻيو اهم ريليف قدم کڻندي پگهاردار طبقي تي لاڳو سرچارج کي پڻ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو هڪ پراڻو مطالبو هو ۽ حڪومت کي به ان ڳالهه جو احساس هو. ان لاءِ اسان گذريل بجيٽ ۾ ان سرچارج جي شرح کي 10 سيڪڙو کان 9 سيڪڙو ڪيو ۽ هاڻي ان سرچارج کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. انهن قدمن سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت پگهاردار طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي.