اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ چيو ته سپر ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي جي حوالي سان مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اسان جي حڪومت ڪاروبار سان 15 ڪروڙ رپين کان 50 ڪروڙ رپين تائين جي آمدني جي ڇهن سليبز تي لاڳو سپر ٽيڪس جيڪو هڪ سيڪڙو کان وٺي ساڍا 7 …
سپر ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ چيو ته سپر ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي جي حوالي سان مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اسان جي حڪومت ڪاروبار سان 15 ڪروڙ رپين کان 50 ڪروڙ رپين تائين جي آمدني جي ڇهن سليبز تي لاڳو سپر ٽيڪس جيڪو هڪ سيڪڙو کان وٺي ساڍا 7 سيڪڙو جي سطح تائين هو، ان کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙي طرح 50 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي سپر ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 8 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. هن چيو ته ان قدم جو مقصد ننڍي ڪاروبار ۽ صنعتن کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي. جڏهن ته بئنڪن، تيل ۽ گئس ڳولا ڪندڙ ڪمپنين ۽ فرٽيلائيزر ڪمپنين تي موجود سرچارج برقرار رهندو.








