ملڪ جي اسٽريٽجڪ هدفن جي تڪميل طرف وڌڻ لاء سڀني صوبائي حڪومتن جي تعاون جو جذبو ۽ قرباني واکاڻ جوڳي آھي، حڪومت جي ٽئين بجيٽ پيش ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، ساٿ ڏيڻ تي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ عسڪري قيادت جا ٿورائتا آھيون: ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آھي ته سڀني صوبائي حڪومتن جي تعاون جي جذبي ۽ قرباني  جا ٿورائتا آھيون جن جي ڪري  ملڪ جي اسٽريٽجڪ هدفن جي تڪميل طرف وڌنداسين، حڪومت جي ٽئين بجيٽ پيش ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، ساٿ ڏيڻ تي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ عسڪري قيادت جا ٿورائتا آھيون. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي …

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آھي ته سڀني صوبائي حڪومتن جي تعاون جي جذبي ۽ قرباني  جا ٿورائتا آھيون جن جي ڪري  ملڪ جي اسٽريٽجڪ هدفن جي تڪميل طرف وڌنداسين، حڪومت جي ٽئين بجيٽ پيش ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، ساٿ ڏيڻ تي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ عسڪري قيادت جا ٿورائتا آھيون. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 27 – 2026ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته هي منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته آئون هن ايوان جي سامهون اسان جي حڪومت جي ٽئين بجيٽ مالي سال 27 – 2026ع پيش ڪري رهيو آهيان، آئون اتحادي پارٽين جي قيادت خاص طور تي ميان محمد نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، خالد مقبول صديقي، چوڌري شجاعت حسين، عبدالعليم خان ۽ خالد حسين مگسي جي رهنمائي جي لاءِ دل جي گهرائين سان ٿورا ادا ڪريان ٿو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته آئون هن ايوان جي فلور تان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت کي ساراهڻ چاهيان ٿو جنهن جي سرپرستي، ذاتي لڳاءُ ۽ رهنمائي ۾ اسان معاشي استحڪام جو سفر طئي ڪيو. آئون اسان جي عسڪري قيادت خاص طور تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جا به ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن جي قيادت ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. آئون پنهنجي اتحادي پارٽين جو ٿورائتو آهيان جن جي حمايت اسان کي هر مشڪل موقعي تي حاصل رهي، آئون مخالف ڌر جي ميمبرن جو به ٿورائتو آهيان جن جي مخلصاڻي تنقيد اسان کي وڌيڪ محنت جو جذبو عطا ڪيو. هتي آئون سمورين صوبائي حڪومتن جي تعاون جي جذبي ۽ قرباني کي به ساراهيندس، جن جي ڪري اسان پنهنجي ملڪ جي اسٽريٽجڪ هدفن جي تڪميل طرف وڌنداسين.