وفاقي حڪومت پاران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو اضافي جو اعلان، گهٽ کان گهٽ اجرت ۾ 10 سيڪڙو اضافي جو اعلان

اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت مالي سال 27 – 2026ع جي وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي معاشي مشڪلاتن جو ادراڪ ڪندي انهن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو آهي، ملڪ ۾ گهٽ کان گهٽ ماهوار اجرت ۾ 10 سيڪڙو اضافو جڏهن ته انڪم ٽيڪس سرچارج کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ ۽ مختلف انڪم ٽيڪسز جي لاءِ ٽيڪس ريٽس …

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت مالي سال 27 – 2026ع جي وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي معاشي مشڪلاتن جو ادراڪ ڪندي انهن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو آهي، ملڪ ۾ گهٽ کان گهٽ ماهوار اجرت ۾ 10 سيڪڙو اضافو جڏهن ته انڪم ٽيڪس سرچارج کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ ۽ مختلف انڪم ٽيڪسز جي لاءِ ٽيڪس ريٽس ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته مهانگائي جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن ۽ رٽائرڊ طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن ٻڌايو ته گهٽ کان گهٽ ماهوار پگهار ۾ به 10 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي ته جيئن پورهيت طبقي جو معاشي تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. اهڙي طرح وفاقي حڪومت پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن جو بار گهٽ ڪرڻ جو واعدو پورو ڪندي انهن تي لاڳو انڪم ٽيڪس سرچارج کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ ۽ مختلف انڪم سليبز جي لاءِ ٽيڪس ريٽس ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير تفصيل ٻڌائيندي چيو ته 22 کان 32 لک رپيا ساليانو ڪمائيندڙن جي لاءِ ٽيڪس جي شرح 23 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 20 سيڪڙو، 32 کان 41 لک وارن جي لاءِ 30 سيڪڙو کان گهٽ کان 25 سيڪڙو، 41 کان 56 لک آمدني تي 35 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 29 سيڪڙو ۽ 56 کان 70 لک رپين تائين ساليانو پگهار حاصل ڪندڙن جي لاءِ ٽيڪس جي شرح 35 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 32 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. هن واضح ڪيو ته سرچارج جي خاتمي ۽ سليبز ۾ ترميم سان پگهاردار طبقي کي وڏو ريليف ملندو.