ننڍن دڪاندارن جي لاءِ فڪسڊ ٽيڪس سسٽم متعارف، 20 ڪروڙ تائين وڪري تي صرف هڪ سيڪڙو ٽيڪس، آڊٽ کان ڇوٽ

اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ننڍن دڪاندارن کي دستاويزي معيشت جو حصو بڻائڻ جي لاءِ انهن جي گڏيل مشاورت سان انڪم ٽيڪس آرڊيننس تحت هڪ تاريخي فڪسڊ ٽيڪس سسٽم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ان نظام تحت اهي دڪاندار اچي سگهندا جن جو ساليانو وڪرو 20 ڪروڙ رپيا يا ان …

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ننڍن دڪاندارن کي دستاويزي معيشت جو حصو بڻائڻ جي لاءِ انهن جي گڏيل مشاورت سان انڪم ٽيڪس آرڊيننس تحت هڪ تاريخي فڪسڊ ٽيڪس سسٽم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ان نظام تحت اهي دڪاندار اچي سگهندا جن جو ساليانو وڪرو 20 ڪروڙ رپيا يا ان کان گهٽ آهي. اهي پنهنجي سالياني سيلز جو رڳو هڪ سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري ان اسڪيم مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اسڪيم تحت دڪاندارن کي روٽين آڊٽ، پي او ايس مشين رکڻ ۽ خريداري تي ود هولڊنگ جي ذميوارين کان مڪمل ڇوٽ حاصل هوندي. هن ٻڌايو ته فڪسڊ ٽيڪس ڏيندڙ دڪاندارن کي ڪيو آر ڪوڊ تي ٻڌل سائي تختي ڏني ويندي جنهن جي موجودگي ۾ ايف بي آر اهلڪار دڪان ۾ پڇاڳاڇا جي لاءِ داخل نه ٿي سگهندا.