پي ايس ڊي پي ۾ صوبن ۽ خصوصي علائقن جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 2 کرب 33 ارب 38 ڪروڙ روپيا رکيا ويا

اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 27-2026ع لاءِ سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ صوبن ۽ خصوصي علائقن جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 2 کرب 33 ارب 38 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو ترقياتي بجيٽ رکيو ويو آهي. پي ايس ڊي پي دستاويزن جي انگن اکرن موجب صوبن ۽ خصوصي علائقن جي ترقياتي منصوبن ۾ پنجاب لاءِ 5 ارب …

اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 27-2026ع لاءِ سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ صوبن ۽ خصوصي علائقن جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 2 کرب 33 ارب 38 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو ترقياتي بجيٽ رکيو ويو آهي. پي ايس ڊي پي دستاويزن جي انگن اکرن موجب صوبن ۽ خصوصي علائقن جي ترقياتي منصوبن ۾ پنجاب لاءِ 5 ارب 15 ڪروڙ ، سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 62 ارب 38 ڪروڙ، خيبرپختونخوا لاءِ 3 ارب 81 ڪروڙ 91 لک روپيا، بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 16 ارب 93 ڪروڙ 58 لک، خيبرپختونخوا جي ضم ٿيل ضلعن جي ترقياتي منصوبن لاءِ 56 ارب 7 ڪروڙ 64 لک، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 45 ارب 5 ڪروڙ، گلگت بلتستان جي ترقياتي منصوبن لاءِ 43 ارب 97 ڪروڙ 33 لک روپيا رکيا ويا آهن.