اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي وفاقي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي منصوبن لاءِ مجموعي طور 36 ارب 31 ڪروڙ 20 لک روپين جي وڏي رقم رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. جاري ترقياتي اسڪيمن سان گڏوگڏ وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرامز کي خصوصي اهميت ڏني وئي آهي ته جيئن سڄي ملڪ …
سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت لاءِ 36 ارب 31 ڪروڙ روپيا رکيا ويا
اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي وفاقي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي منصوبن لاءِ مجموعي طور 36 ارب 31 ڪروڙ 20 لک روپين جي وڏي رقم رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. جاري ترقياتي اسڪيمن سان گڏوگڏ وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرامز کي خصوصي اهميت ڏني وئي آهي ته جيئن سڄي ملڪ جي نوجوانن کي تعليم ۽ هنر سان سنواري سگهجي. دستياب سرڪاري دستاويزن موجب تعليم واري وفاقي وزارت تحت جاري 28 اهم ترقياتي منصوبن لاءِ مجموعي طور 25 ارب 41 ڪروڙ 14 لک 90 هزار روپيا رکيا ويا آهن. ڄاڻايل منصوبن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 98 ارب 68 ڪرور 42 لک روپين کان وڌيڪ آهي. انهن جاري اسڪيمن ۾ اسلام آباد (آءِ سي ٽي)، گلگت بلتستان (اسڪردو، استور ،گانڇي) آزاد ڄمون ڪشمير (نيلم، ڀمبر، حويلي ڪهوٽا، باغ) بلوچستان (سبي، موسيٰ خيل، زوب، قلعه سيف الله ۽ ڊيره بگٽي) سنڌ (ٽنڊو محمد خان) ۽ خيبرپختونخوا (چترال) ۾ دانش اسڪولن جو قيام ۽ نيٽ ورڪ وڌائڻ شامل آهي. ملڪ جي پٺتي پيل علائقن آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ دانش اسڪولن جي گڏيل منصوبي (اسڪيم نمبر 138) لاءِ مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ ۾ رڪارڊ 6 ارب 60 ڪرور 39 لک روپيا رکيا ويا آهن جهن جي مجموعي لاڳت 26 ارب 81 ڪروڙ روپيا آهي.دستاويزن موجب اسلام آباد جي سيڪٽر ايڇ ايٽ فور ۾ آٽزم جي شڪار ٻارن لاءِ سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام لاءِ به هڪ ارب 24 ڪروڙ 94 لک روپيا رکيا ويا آهن جنهن سان وفاقي گادي واري هنڌ ۽ ڀرپاسي واري جي خصوصي ٻارن کي جديد ترين تعليمي ۽ تربيتي سهولتون ميسر اينديون. ان کانسواءِ اسلام آباد ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا، روڪٿام ۽ تعليمي ترقي جي ترميمي منصوبي لاءِ 21 ڪروڙ 65 لک روپيا رکيا ويا آهن. نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت 3 وڏن منصوبن لاءِ مجموعي طور 10 ارب 90 ڪروڙ 5 لک 10 هزار روپيا رکيا ويا آهن، ڄاڻايل منصوبن جي ڪل لاڳت 42 ارب 22 ڪروڙ روپيا آهي. هن پروگرام تحت وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام (ترميم ٿيل) لاءِ 5 ارب 29 ڪروڙ رپيا ۽ نيوٽيڪ تحت اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 2 ارب 61 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان جي تعليم لاءِ (ترميم ٿيل) فنڊ لاءِ 3 ارب روپيا رکيا ويا آهن.








