وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي کي گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي کي گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي جي دعوت ڏني آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي گلگت بلتستان ۾ اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي، ان کي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏيون ٿا. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن)، گلگت بلتستان ۾ حڪومت …

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي کي گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي جي دعوت ڏني آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي گلگت بلتستان ۾ اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي، ان کي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏيون ٿا. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن)، گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي جي معاملي تي پيپلزپارٽي جي حمايت ڪري ٿي. مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر اسان جا چونڊيل ميمبر پيپلزپارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ ووٽ ڏيندا. وزيراعظم چيو ته اسان جمهوري روايتن ۽ قدرن کي مٿانهون رکندي اهو فيصلو ڪيو آهي، مسلم ليگ (ن) سدائين پنهنجي اتحادي پارٽين سان عزت ۽ احترام جو رشتو برقرار رکيو آهي.