وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اڳوڻي سينيٽر تاج محمد آفريدي جي ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي سينيٽر تاج محمد آفريدي جي ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي سينيٽر تاج محمد آفريدي جي ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.