اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ بدين مان چونڊيل پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبر حاجي رسول بخش چانڊيو ضلعي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف ڊيسڪ تي چڙهي هٿ ۾ بينر کڻي احتجاج ڪندي بدين کي پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر حاجي رسول بخش چانڊيو بدين ضلعي ۾ پاڻي …
قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ بدين مان چونڊيل پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبر حاجي رسول بخش چانڊيو جو ضلعي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف ڊيسڪ تي چڙهي هٿ ۾ بينر کڻي احتجاج
اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ بدين مان چونڊيل پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبر حاجي رسول بخش چانڊيو ضلعي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف ڊيسڪ تي چڙهي هٿ ۾ بينر کڻي احتجاج ڪندي بدين کي پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر حاجي رسول بخش چانڊيو بدين ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سخت احتجاج ڪندي ڊيسڪ تي چڙهي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پاڻي کوٽ جون دانهون ڪيون. هن چيو ته بدين ضلعي ۾ هن وقت ڏڪار واري صورتحال آهي، هاڻي مال مرڻ شروع ٿي ويو آهي، پيئڻ جو پاڻي نه آهي. هن چيو ته پاڻي نه هجڻ جي ڪري سارين جو فصل پوکجي نه سگهيو آهي جنهن سان معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. جڏهن ته اي پي پي سان ڳالهائيندي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته بدين ضلعي ۾ صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي، طوفاني لٽون لڳڻ جي ڪري پوکيل فصل تباهه ٿي ويا آهن، هاڻي ته مال مرڻ شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته آبادگار طبقو اڳ ۾ ئي پريشان آهي، جَر جو پاڻي کارو هجڻ جي ڪري آبادگار ٽيوب ويل نه ٿا لڳائي سگهن ۽ وقت تي پوکيءَ نه ٿيڻ جي ڪري انهن کي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ پاڻي جي ورڇ ۾ ناانصافي ختم ڪئي وڃي.








