اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ حڪومت جي هڪ اهم اتحادي پارٽي آهي، ملڪ جي ترقي، معاشي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي ايجنڊا جي تڪميل ۾ ان جو مثبت ۽ تعميري ڪردار قابل قدر آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، هن اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي …
متحده قومي موومينٽ حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ حڪومت جي هڪ اهم اتحادي پارٽي آهي، ملڪ جي ترقي، معاشي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي ايجنڊا جي تڪميل ۾ ان جو مثبت ۽ تعميري ڪردار قابل قدر آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، هن اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ۽ ڪنوينر ايم ڪيو ايم ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ متحده قومي موومينٽ جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن هتي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي صحت وارو وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر فاروق ستار، امين الحق ۽ جاويد حنيف شامل هئا. ملاقات ۾ مالي سال 2027-2026ع جي وفاقي بجيٽ ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته متحده قومي موومينٽ حڪومت جي هڪ اهم اتحادي پارٽي آهي ۽ ملڪ جي ترقي، معاشي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ ۾ ان جو مثبت ۽ تعميري ڪردار قابل قدر آهي. هي تعاون مستقبل ۾ به قومي مفاد ۽ عوامي خدمت لاءِ ساڳئي جذبي سان جاري رهندو.











