اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي، اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) خيبرپختونخواهه کي ڪڻڪ جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان قومي خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت صوبي جي عوام کي ڪڻڪ جي فراهمي لاءِ سڀئي ضروري انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. قومي خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اي سي سي خيبرپختونخواهه کي ڪڻڪ جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي، اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) خيبرپختونخواهه کي ڪڻڪ جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان قومي خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت صوبي جي عوام کي ڪڻڪ جي فراهمي لاءِ سڀئي ضروري انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. قومي خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته خيبرپختونخواهه کي ڪڻڪ سال جي شروعات ۾ مقرر ڪيل سرڪاري قيمت تي فراهم ڪئي ويندي، جنهن سان عوام کي رليف ملندو ۽ اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه کي ڪڻڪ جي فراهمي وزيراعظم جي عوام دوست پاليسين جو عملي مظهر آهي، جن جو مقصد ملڪ ۾ خوراڪ جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ عوامي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. راڻا تنوير حسين وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت عوام کي سستي ۽ معياري ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ جاري رکيو اچي ۽ ان سلسلي ۾ سڀني صوبن سان مڪمل تعاون ڪيو پيو وڃي ته جيئن غذائي تحفظ جا هدف حاصل ڪري سگهجن.










