پاڪستان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٻارن کان پورهئي جي خاتمي ۽ ٻارن جي تحفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم جاري رکيا آهن: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٻارن کان پورهئي جي خاتمي ۽ ٻارن جي تحفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم جاري رکيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻارن جي پورهئي (چائلڊ ليبر) جي خلاف عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيعام ۾ ڪيو. هن چيو ته ٻارن …

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٻارن کان پورهئي جي خاتمي ۽ ٻارن جي تحفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم جاري رکيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻارن جي پورهئي (چائلڊ ليبر) جي خلاف عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيعام ۾ ڪيو. هن چيو ته ٻارن جي پورهئي جي خلاف عالمي ڏينهن تي پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي ٻارن کي استحصال کان محفوظ رکڻ، هر ٻار کي هڪ محفوظ ماحول ۾ پرورش ڏيڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. صدر چيو ته ٻارن جو تحفظ پاڪستان جي آئين جو حصو آهي جنهن ۾ آئين جي آرٽيڪل 11 غلامي، جبري پورهئي ۽ ٻارن کي خطرناڪ نوعيت جي ڪمن ۾ نوڪري ڏيڻ جي منع ڪري ٿو جڏهن ته آرٽيڪل 25 – اي پنج سالن کان 16 سالن جي عمر جي سمورن ٻارن جي لاءِ مفت ۽ لازمي تعليم جي ضمانت ڏي ٿو. هن چيو ته اهي آئيني شقون رياست جي ان ذميواري کي واضح ڪن ٿيون ته اهي ٻارن جي تحفظ ۽ تعليم جي فروغ کي يقيني بڻائين. صدر چيو ته ٻارن کان پورهئي جا انهن جي زندگي ۽ مستقبل تي سڌوسنئون منفي اثر پون ٿا، محنت مزدوري ۾ مصروف ٻار اڪثر تعليم ختم ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا يا تعليمي لحاظ کان پٺتي رهجي وڃن ٿا جنهن سان انهن جا موقعا محدود ٿي وڃن ٿا، صلاحيتن جي واڌويجهه متاثر ٿئي ٿي ۽ اڳ کان مشڪلاتن جي شڪار خاندانن تي وڌيڪ بار پوي ٿو، تنهن ڪري ٻارن جي تعليم کي برقرار رکڻ رڳو انهن جي تحفظ جو معاملو نه آهي پر ڊگهي مدي واري سماجي ۽ معاشي ڀلائي جي لاءِ پڻ لازمي آهي. صدر چيو ته پاڪستان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٻارن کان پورهئي جي خاتمي ۽ ٻارن جي تحفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم جاري رکيا آهن، اسان جو سڄو ڌيان ان مسئلي جي روڪٿام، موجوده قانونن جي موثر لاڳو ۽ اهڙن ٻارن جي مدد تي آهي جن کي ٻيهر تعليم ۽ هڪ محفوظ ۽ مستحڪم ماحول طرف واپس آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ان موقعي تي آئون والدين، آجرين، استادن، مذهبي اڳواڻن، سول سوسائٽي ۽ سمورن شهرين کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي ٻارن کي استحصال کان محفوظ رکڻ ۽ انهن جي تعليم برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪنهن به معاشري جو معيار اتان جي ٻارن سان سلوڪ سان پَرکيو وڃي ٿو، پاڪستان جي هر ٻار کي سکڻ، وڌڻ ويجهڻ ۽ هڪ محفوظ روشن مستقبل تعمير ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.

مزید خبریں