حڪومت ٻارن کان پورهئي ۽ مزدوري جي مڪمل خاتمي جي لاءِ جامع حڪمت تي عمل پيرا آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد - 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي دنيا سان گڏجي هر ٻار کي استحصال کان پاڪ ۽ تعليم سان ليس شاندار مستقبل جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت ٻارن کان پورهئي ۽ مزدوري جي مڪمل خاتمي جي لاءِ جامع حڪمت تي عمل پيرا آهي، ٻار مستقبل جا معمار آهن، انهن جي شاندار مستقبل …

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي دنيا سان گڏجي هر ٻار کي استحصال کان پاڪ ۽ تعليم سان ليس شاندار مستقبل جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت ٻارن کان پورهئي ۽ مزدوري جي مڪمل خاتمي جي لاءِ جامع حڪمت تي عمل پيرا آهي، ٻار مستقبل جا معمار آهن، انهن جي شاندار مستقبل جي تحفظ ۽ صلاحيتن کي نکارڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، اچو اهڙي پاڪستان جي تعمير ڪريون جتي هر ٻار تعليم يافته، محفوظ، بااختيار هجي ۽ ان کي قومي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا برابر موقعا ميسر هجن. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ٻارن کان پورهئي جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ ٻارن کان پورهئي جي خلاف عالمي ڏينهن تي پاڪستان عالمي دنيا سان گڏجي ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته هر ٻار کي استحصال کان پاڪ ۽ تعليم سان ليس شاندار مستقبل جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، هن سال عالمي سطح تي هي ڏينهن “ٻارن کان پورهيو ناقابل قبول: ٻارن جي لاءِ منصفاڻا موقعا، نوجوانن جي لاءِ باعزت روزگار” جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن موجب اڄ به سڄي دنيا ۾ 13 ڪروڙ 80 لک ٻار پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن جن مان اٽڪل 5 ڪروڙ 40 لک ٻار خطرناڪ نوعيت جي ڪمن ۾ مصروف آهن، ٻارن کان پورهئي ۽ مزدوري جو مڪمل خاتمو قومي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ معاشرتي انصاف جي لاءِ لازمي آهي، قومن جي ترقي مستقبل جي افرادي قوت، ٻارن جي ذهني ۽ جسماني قدرتي صلاحيتن جي واڌويجه ۽ بهترين استعمال تي منحصر آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي ان مقصد سان وابستگي جو واضح ثبوت انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي لاڳاپيل ڪنوينشنز جي توثيق آهي جيڪو ملازمن جي گهٽ کان گهٽ عمر ۽ ٻارن کان پورهئي جي بدترين قسمن جي خاتمي جي لاءِ قدمن تي ٻڌل آهي، پاڪستان حڪومت ٻارن کان پورهئي ۽ مزدوري جي مڪمل خاتمي جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي، ٻارن بابت قانوني سڌارن، موثر لاڳو، سماجي تحفظ، تعليم ۽ معاشي آسودگي جهڙن رخن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن ٻارن کان پورهئي جي بنيادي سببن جو تدارڪ ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومتي پاليسي ترجيحن ۾ باوقار روزگار جي فروغ ۽ ٻارن کان پورهئي جي خاتمي جي لاءِ عملي قدم شامل آهن. ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن ٻارن جي حقن جي نگراني ۽ ان حوالي سان قومي ۽ عالمي ذميوارين تي عملدرآمد جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وفاقي سطح تي چائلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ ۽ صوبائي سطح تي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽيز، چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر بيوروز ۽ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽس جي ذريعي ڪمزور ۽ محروم ٻارن کي تحفظ، معاونت ۽ معاشري ۾ باعزت بحالي جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن، حڪومت سمورين لاڳاپيل اڪائين بشمول آجرن ۽ پورهيتن جي تنظيمن سان به گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومتن ٻارن کان پورهئي جي تدارڪ جي لاءِ عملي طور تي نمايان قانوني ۽ انتظامي قدم کنيا آهن جيڪي ساراهه جوڳا آهن، سمورن صوبن ۾ جبري پورهئي جي قانون تحت ضلعي نگراني ڪميٽيون، ٻارن ۽ جبري پورهئي جي معاملن جي لاءِ خصوصي يونٽس قائم ڪيا ويا آهن. اهي قدم ڪمزور ۽ محروم ٻارن جي تحفظ ۽ انهن جي بحالي ۽ معاونت جي اسان جي قومي عزم جا عڪاس آهن، حڪومت ان حقيقت کان پوري طرح آگاهه آهي ته غربت ٻارن کان پورهئي جي بنيادي سببن مان هڪ آهي، ان لاءِ حڪومت باعزت روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ معاونت جي سماجي تحفظ جي پروگرامز ۽ تعليمي معاونت جي اسڪيمز کي وسيلن جي گهٽتائي جي باوجود موثر انداز ۾ هلائي رهي آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وسيله تعليم قدم ۽ پاڪستان بيت المال جا چائلڊ ليبر اسڪولز ذڪر جوڳيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ٻار ملڪ جي مستقبل جا معمار آهن، انهن جي شاندار مستقبل جي تحفظ ۽ صلاحيتن جي واڌويجهه جي لاءِ هر ممڪن خصوصي قدم کنيا پيا وڃن. دانش اسڪولز جي ذريعي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هزارين مستحق ٻار تعليم جي زيور سان ليس ٿي روشن مستقبل طرف اڳڀرائي ڪري رهيا آهن، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن، يونيسيف، يورپي يونين ۽ ٻين ترقياتي حصيدارن سان اسان جو مسلسل تعاون ليبر گورننس طرف اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته آجرن، پورهيتن، والدين، استادن، سول سوسائٽي جي تنظيمن، مذهبي اڳواڻن، ميڊيا ۽ نجي شعبي کي اپيل ڪريان ٿو ته ٻارن کي استحصال کان محفوظ رکڻ جي ان قومي مقصد ۾ حڪومت سان گڏ بيهن ڇو ته اها اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. اچو گڏجي اهڙي پاڪستان جي تعمير ڪريون جتي هر ٻار تعليم يافته، محفوظ، بااختيار هجي ۽ ان کي قومي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا برابر موقعا ميسر هجن.

مزید خبریں