قومي اسيمبلي جو اجلاس ٽي وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، ناڻي ۽ روينيو وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب مالي سال 27-2026ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندو

اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو سڀ کان اهم اجلاس جمعي ڏينهن ٽي وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ناڻي ۽ روينيو وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب مالي سال 27-2026ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل ايجنڊا موجب، اجلاس باضابطا طور تي تلاوت قرآن پاڪ، حديث مبارڪ، نعت رسول مقبول ﷺ ۽ قومي تراني سان شروع ٿيندو. …

اسلام آباد- 12 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو سڀ کان اهم اجلاس جمعي ڏينهن ٽي وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ناڻي ۽ روينيو وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب مالي سال 27-2026ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل ايجنڊا موجب، اجلاس باضابطا طور تي تلاوت قرآن پاڪ، حديث مبارڪ، نعت رسول مقبول ﷺ ۽ قومي تراني سان شروع ٿيندو. ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب حڪومت جي مالي تخميني ۽ مالي سال 27-2026ع لاءِ بجيٽ تجويزون ايوان ۾ پيش ڪندو. بجيٽ تقرير سان گڏ، ناڻي وارو وزير قومي اسيمبلي ۾ اهم دستاويز ۽ مالياتي گوشوارا پيش ڪندو، جنهن ۾ مالي سال 27-2026ع لاءِ سالياني بجيٽ اسٽيٽمينٽ ۽ مالي سال 26-2025ع لاءِ ترميمي ڪاٿا، مالي سال 27-2026ع لاءِ ناڻي جا مُطالبا ۽ فنڊ مختص ڪرڻ، مالي سال 25-2024ع ۽ 26-2025ع لاءِ باقاعده ۽ فني ضمني گرانٽس ۽ مالي سال 17-2016ع ۽ 25-2024ع لاءِ اضافي ضمني بجيٽ اسٽيٽمينٽ شامل آهن. پهرين جولاءِ 2026ع کان شروع ٿيندڙ نئين مالي سال لاءِ وفاقي حڪومت جي مالي تجويزن کي قانوني شڪل ڏيڻ ۽ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ "فنانس بل 2026ع” ايوان ۾ متعارف ڪرايو ويندو. بجيٽ اجلاس کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ مبصرن جو وڏو انگ پارليامينٽ هائوس ۾ موجود هوندو.

مزید خبریں