اسلام آباد - 11 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ فلپائن کي زراعت، غذائي تحفظ، صحت جي نظام، دفاعي تعاون، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ موجود وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ڪاروباري رابطن، گڏيل منصوبن ۽ پاليسي تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلپائن جي 128هين آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان …
صدر آصف علي زرداري پاران پاڪستان حڪومت، عوام ۽ پنهنجي پاران فلپائن جي حڪومت ۽ عوام کي آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ فلپائن کي زراعت، غذائي تحفظ، صحت جي نظام، دفاعي تعاون، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ موجود وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ڪاروباري رابطن، گڏيل منصوبن ۽ پاليسي تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلپائن جي 128هين آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان اسلام آباد ۾ منعقد تقريب جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي خاص مهمان طور شرڪت ڪندڙن کي صدر جو پيغام پڙهي ٻڌايو. تقريب ۾ فلپائن جي سفير ايمانوئل فرنانڊيز، اسلام آباد ۾ مقرر سفارتڪارن، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ميڊيا نمائندن، ناليوارين شخصيتن، سول سوسائٽي ۽ ڪاروباري برادري جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري پاڪستان حڪومت، پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي پاران جمهوريه فلپائن جي حڪومت ۽ عوام کي آزادي جي ڏهاڙي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ڏينهن 1898ع ۾ فلپائن جي تاريخي آزادي جي اعلان جي ياد ڏياري ٿو جيڪو هڪ اهڙو فيصلائتو لمحو هو جنهن هڪ باوقار ۽ خودمختيار قوم کي جنم ڏنو ۽ دنيا آڏو فلپائني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي عزم ۽ حوصلي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته پاڪستان فلپائن جي عوام جي ان ثابت قدمي ۽ جرئت کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪا انهن جي شاندار سفر جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ فلپائن جي وچ ۾ دوستي جو رشتو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن جا هلندڙ سال جي آخر ۾ سفارتي لاڳاپن جا 77 سال مڪمل ٿيڻ وڃي رهيا آهن جيڪي گڏيل احترام، خيرسگالي ۽ ٻنهي ملڪن جي بهتري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي گڏيل خواهش تي قائم آهن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ آسيان سميت اهم عالمي فورمز تي گهڻ رخي تعاون جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو جيڪو انهن گڏيل لاڳاپن کي نئين مقصد سان اڳتي وڌائڻ جي پختي ارادي جو عڪاس آهي. صدر چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي، پائيدار ترقي ۽ هڪ وڌيڪ منصفاڻو عالمي نظام قائم ڪرڻ سميت موجوده دور جي عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. صدر چيو ته ٻئي ملڪ ٻطرفي حصيداري جي توسيع جي لاءِ نيون راهون ڳولي رهيا آهن، پاڪستاني ٽيڪسٽائيل، فارماسيوٽيڪل، غذائي مصنوعات ۽ تيار ٿيل شين، فلپائن جي اليڪٽرانڪس، زرعي پيداوار ۽ ناريل تي ٻڌل صنعتن ۾ قائم ڪيل صلاحيتن جي تڪميل ڪري ٿي. هن چيو ته زراعت، غذائي تحفظ، صحت جي نظام، دفاعي تعاون، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ موجود وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ڪاروباري رابطن، گڏيل منصوبن ۽ پاليسي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته پاڪستان حڪومت، فلپائن ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي لاءِ فلپائن جي حڪومت ۽ عوام جي شاندار مهمان نوازي تي دل سان ٿورائتي آهي. ان کان اڳ تقريب جي شروعات فلپائن ۽ پاڪستان جي قومي ترانن جي ڌُنن سان ٿي. تقريب جي موقعي تي صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير، فلپائن جي سفير ۽ ٻين مهمانن سان گڏجي فلپائن جي آزادي جي ڏهاڙي جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.




