جاري مالي سال 26-2025ع جي پهرين 9 مهينن دوران سماجي تحفظ ۽ غربت ۾ گهٽتائيءَ لاءِ خرچن جي مجموعي ماليت 4.66 ٽريلين رپين تائين پهچي وئي: اقتصادي سروي رپورٽ

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) ملڪ ۾ ڊگهي مدي وارن بنيادن تي غربت ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ويجهڙن وارن سالن ۾ آيل ڪيترن ئي ملڪي ۽ عالمي اثرن عوامي بهبود ۽ گهريلو خرچن تي نوان دٻاءُ وڌا آهن. اقتصادي سروي رپورٽ 26-2025ع جي انگن اکرن موجب ڪووڊ-19 جي اثرن، مهانگائي ۾ واڌ، موسمياتي تبديلين، ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۽ معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ سال …

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) ملڪ ۾ ڊگهي مدي وارن بنيادن تي غربت ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ويجهڙن وارن سالن ۾ آيل ڪيترن ئي ملڪي ۽ عالمي اثرن عوامي بهبود ۽ گهريلو خرچن تي نوان دٻاءُ وڌا آهن. اقتصادي سروي رپورٽ 26-2025ع جي انگن اکرن موجب ڪووڊ-19 جي اثرن، مهانگائي ۾ واڌ، موسمياتي تبديلين، ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۽ معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ سال 25-2024ع دوران ملڪ ۾ غربت جي شرح وڌي 28.9 سيڪڙو تائين پهچي وئي. حڪومت انهن چئلينجز جي جواب ۾ غريب ۽ ڪمزور طبقن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ فعال قدم کنيا ۽ سماجي تحفظ ۽ غربت جي پروگرامن تي خرچن ۾ نمايان واڌ ڪئي. جاري مالي سال 26-2025ع جي پهرين 9 مهينن (جولاءِ کان مارچ) دوران سماجي تحفظ ۽ غربت ۾ گهٽتائيءَ لاءِ خرچن جي مجموعي ماليت 4.66 ٽريلين رپين تائين پهچي وئي. رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ واڌ سماجي تحفظ ۽ بهبود، قدرتي آفتن خلاف قدم، روڊن ۽ پُلن جي تعمير، ماحولياتي، پاڻي جي فراهمي، صفائي سٿرائي ۽ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪيو ويو. مستحقن تائين سڌيءَ ريت رليف پهچائڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جيڪو سڄي ملڪ جي سڀ کان وڏي روڪ منتقلي جي فليگ شپ پروگرام طور تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن لاءِ مالي سال 2026ع لاءِ 722.49 ارب رپيا رکيا ويا آهن. غريب ڪٽنبن کي غير مشروط روڪ معاونت، روڪ مدد، تعليم، واڌ ويجهه ۽ ڊجيٽل ادائگين ذريعي مستحق ماڻهن کي مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. ان سان گڏوگڏ پاڪستان بيت المال، زڪواة، ورڪرز ويلفيئر فنڊ، ايمپلائز اولڊ ايج بيني فٽس انسٽيٽيوشن ۽ پاڪستان پاورٽي ايلويشن فنڊ پڻ پنهنجو فعال ڪردار جاري رکيو. انهن ادارن ذريعي ڪمزور طبقن کي ويلفيئر گرانٽس، پينشن، روزگار جي فراهمي، ڪميونٽي انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ مالياتي شموليت جي منصوبن ۾ معاونت ڏني وئي جڏهن ته مائڪرو فنانس سروسز قرضن، بچت ۽ انشورنس جون سهولتون فراهم ڪري گهٽ آمدني وارن گهراڻن جي مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

مزید خبریں