حڪومت تعليمي شعبي ۾ سڌارن، سيڙپڪاري ۽ مهارتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي: اقتصادي سروي رپورٽ

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) پاڪستان حڪومت طرفان تعليم جي شعبي ۾ جاري سڌارن، سيڙپڪاري ۽ مهارتن کي هٿي وٺرائڻ وارن قدم ملڪ جي نوجوانن کي قومي ترقيءَ جو اثرائتو سرمايو بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وفاقي حڪومت طرفان جاري اقتصادي سروي 26-2025ع موجب تعليم کي پائيدار ترقي، معاشي استحڪام ۽ سماجي خوشحاليءَ جو بنياد قرار ڏيندي ان شعبي کي حڪومتي ترجيحن ۾ سرِفهرست رکيو ويو …

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) پاڪستان حڪومت طرفان تعليم جي شعبي ۾ جاري سڌارن، سيڙپڪاري ۽ مهارتن کي هٿي وٺرائڻ وارن قدم ملڪ جي نوجوانن کي قومي ترقيءَ جو اثرائتو سرمايو بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وفاقي حڪومت طرفان جاري اقتصادي سروي 26-2025ع موجب تعليم کي پائيدار ترقي، معاشي استحڪام ۽ سماجي خوشحاليءَ جو بنياد قرار ڏيندي ان شعبي کي حڪومتي ترجيحن ۾ سرِفهرست رکيو ويو آهي. دستاويز موجب پاڪستان دنيا جي وڏي نوجوان آبادي رکندڙ ملڪن ۾ شامل آهي ۽ اهائي آبادي مستقبل ۾ ملڪي معيشت ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ وڏي طاقت بڻجي سگهي ٿي. ان مقصد لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون تعليمي پهچ ۾ واڌ، تعليم جي معيار جي بهتري ۽ـ فني ۽ پيشيوراڻي تربيت کي هٿي وٺرائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت تعليم جي شعبي ۾ پاليسي سڌارن ۽ هدفي سيڙپڪاريءَ ذريعي انساني وسيلن جي ترقيءَ لاءِ مسلسل قدم کڻي رهي آهي. نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) نوجوانن کي جديد، فني ۽ پيشيوراڻي مهارتن سان سينگارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي جنهن سان ملڪي ۽ عالمي روزگار جي موقعن ۾ واڌ جي اميد آهي. دستاويز موجب ”5 ايز فريم ورڪ“ ۽ـ ”اُڏام پاڪستان“ جهڙن قومي قدمن تحت معياري ۽ جامع تعليم کي هٿي وٺرائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن هر ٻار کي بهتر تعليمي موقعا ميسر اچي سگهن ۽ ملڪ پائيدار ترقيءَ جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ڪري سگهي. تعليمي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ تعليمي شعبي ۾ جاري سيڙپڪاري، ڊجيٽل سکڻ جي موقعن، مهارتن تي ٻَڌل تربيت ۽ـ تعليمي سهولتن جي واڌ مستقبل ۾ انساني ترقيءَ جي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتريءَ جو سبب بڻجندي. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته موسمياتي تبديلي، تيز رفتار فني ترقي ۽ عالمي معاشي چئلينجز باوجود حڪومت جو مسلسل ڌيان ۽ سڌاره جاتي قدم پاڪستان جي تعليمي شعبي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ نوجوانن کي بااختيار بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

مزید خبریں