چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جو 48هون اجلاس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ منعقد ٿيو

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ـ چيئرمين لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جو 48هون اجلاس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ قانون ۽ عدالتي سڌارن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ لاهور، سنڌ، پشاور ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽسز، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ارباب …

اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ـ چيئرمين لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جو 48هون اجلاس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ قانون ۽ عدالتي سڌارن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ لاهور، سنڌ، پشاور ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽسز، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ارباب محمد طاهر، قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سيڪريٽري، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ۽ سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيلن سميت ڪميشن جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مالياتي ادارن بابت تڪرارن جي فوري ۽ گهٽ خرچ حل لاءِ متبادل تڪرار جي حل (اي ڊي آر) نظام متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي. ان مقصد لاءِ فناشل انسٽيٽيوشنز (ريڪوري آف فائنانسز) آرڊيننس 2001ع ۾ نئون سيڪشن 10-اي شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ڪميشن کي ٻُڌايو ويو ته اها تجويز 30 اپريل 2026ع تي چيئرمين جي صدارت ۾ ٿيل لاڳاپيل ڌُرين جي مشاورت کان پوءِ سامهون آئي هئي جنهن ۾ ناڻي وزارت، قانون واري وزارت، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن، بئنڪنگ محتسب ۽ ٻيون لاڳاپيل ڪميٽيون قائم ڪيون وينديون جنهن ۾ قانون، اي ڊي آر ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. منظور ٿيل فريم ورڪ تحت بئنڪاري ۽ واپار جا ماهر شامل هوندا جڏهن ته گڏيل رضامندي سان تڪرارن جي حل، ڪيسن ۾ گهٽتائي ۽ رقم جي وقت سر وصولي کي يقيني بڻائي سگهبو. اجلاس ۾ جاري قانون سازي ۽ سڌاره جاتي قدم جو به جائزو ورتو ويو جن ۾ ضابطه فوجداري 1898ع، فيملي لاز، اسپيسيفڪ رليف ايڪٽ 1877ع ۽ اي فائلنگ قاعدن ۾ سڌارا شامل آهن. ڪميشن کي ٻُڌايو ويو ته سي آر پي سي ۽ فيملي ڪورٽس ايڪٽس ۾ ترميمن جا مسودا تيار ڪيا ويا آهن جيڪي ميمبرن جي راءِ لاءِ جلد موڪليا ويندا. اهڙيءَ طرح اسپيسيفڪ رليف ايڪٽ ۽ اي فائلنگ بابت قاعدن جا مسودا به تياريءَ جي مرحلي ۾ آهن ۽ مڪمل هئڻ تي ميمبرن ڏانهن اُماڻيا ويندا. ڪميشن انسلونسي ايڪٽ 1920ع ۽ سول پروسيجر ڪوڊ 1908ع ۾ ترميمن جي تجويز تي به غور ڪيو، جنهن جو مقصد معاشي حقيقتن سان هم آهنگي ۽ گهٽ آمدني طبقي لاءِ انصاف تائين پهچ کي بهتر بنائڻ آهي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي چيئرمين چيو ته وقت سر ۽ تڪرارن جو اثرائتو حل عدالتي نظام تي عوامي اعتماد ۾ واڌ، معاشي ترقي ۽ انصاف تائين مؤثر رسائي لاءِ اڻٽر آهي. هن قانوني سڌارن، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ تڪرارن جي حل واري متبادل نظام کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو. هن ڪميشن جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته عدالتي نظام کي وڌيڪ اثرائتو، رسائي جوڳو ۽ جديد گهرجن سان هم اهنگ بنائڻ لاءِ سڌارن جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

مزید خبریں