جاري مالي سال پيداواري شعبو 6.6 سيڪڙو، وڏا صنعتي ادارا 6.1 سيڪڙو ۽ معدنيات جي شعبي جي اؤسر جي شرح 0.38 سيڪڙو رهي: اقتصادي رپورٽ

 اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) جاري مالي سال پيداواري شعبو 6.6 سيڪڙو، وڏا صنعتي ادارا 6.1 سيڪڙو ۽ معدنيات جي شعبي جي اؤسر جي شرح 0.38 سيڪڙو رهي. خميس ڏينهن هتي جتي مالي سال 26-2025ع بابت اقتصادي جائزه رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ۾ معدنيات جي شعبي جي اؤسر جي شرح 0.38 سيڪڙو، پيداواري شعبي جي اؤسر جي شرح 6.6 سيڪڙو ۽ وڏن صنعتي ادارن جي شعبي جي اؤسر …

 اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) جاري مالي سال پيداواري شعبو 6.6 سيڪڙو، وڏا صنعتي ادارا 6.1 سيڪڙو ۽ معدنيات جي شعبي جي اؤسر جي شرح 0.38 سيڪڙو رهي. خميس ڏينهن هتي جتي مالي سال 26-2025ع بابت اقتصادي جائزه رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ۾ معدنيات جي شعبي جي اؤسر جي شرح 0.38 سيڪڙو، پيداواري شعبي جي اؤسر جي شرح 6.6 سيڪڙو ۽ وڏن صنعتي ادارن جي شعبي جي اؤسر جي شرح 6.1 رهي. واضح رهي ته هلندڙ مالي سال لاءِ معدنيات جي شعبي لاءِ ترقيءَ جو هدف 3 سيڪڙو، پيداواري شعبي لاءِ ترقيءَ جو هدف 4.7 سيڪڙو ۽ وڏن صنعتي ادارن جي شعبي لاءِ ترقيءَ جو هدف 3.5 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو. رپورٽ موجب جاري مالي سال لاءِ پيداواري شعبي جي ترقيءَ جو هدف 4.7 سيڪڙو هو جڏهن ته ان 6.6 سيڪڙو جي اؤسر جي شرح حاصل ڪئي جيڪا هدف کان 1.9 سيڪڙو وڌيڪ رهي. اهڙيءَ طرح وڏن صنعتي ادارن جي شعبي جي اؤسر جي شرح به مقرر هدف کان 2.6 سيڪڙو وڌيڪ رهي آهي جيڪا قومي معيشت جي ترقيءَ جي عڪاس آهي.

مزید خبریں