اسلام آباد-11 جون (اي پي پي)وفاقي حڪومت مالي سال 27-2026ع جو پنهنجو ٽيون ترقي ۽ عوامي رليف تي ٻڌل وفاقي بجيٽ جمعي ڏينهن (12 جون) تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي جنهن جو مجموعي ڪاٿو اٽڪل 18 هزار ارب روپيا هجڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. ذريعن موجب بجيٽ جي تياري ملڪي ۽ عالمي سطح تي درپيش معاشي چئلينجن …
وفاقي بجيٽ 27-2026ع جمعي ڏينهن پيش ڪئي ويندي، ڳاڻيٽو 18 هزار ارب روپين کان وڌيڪ هجڻ جو امڪان

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جون (اي پي پي)وفاقي حڪومت مالي سال 27-2026ع جو پنهنجو ٽيون ترقي ۽ عوامي رليف تي ٻڌل وفاقي بجيٽ جمعي ڏينهن (12 جون) تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي جنهن جو مجموعي ڪاٿو اٽڪل 18 هزار ارب روپيا هجڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. ذريعن موجب بجيٽ جي تياري ملڪي ۽ عالمي سطح تي درپيش معاشي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي. عوام کي رليف فراهم ڪرڻ، زرعي شعبي جي جديد رخن تي ترقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) کي هٿي وٺرائڻ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي کي بجيٽ جي اهم ترجيحن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. بجيت ۾ مالي نظم ۽ ضبط، اوڳاڙين ۾ اضافو، معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ قدمن، غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي، روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ عوام دوست پاليسين ذريعي سماجي ۽ معاشي خوشحالي جي هدفن کي به نمايان جڳهه ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ جي اعلان جون تياريون مقرر ٽائيم لائين موجب مڪمل ڪيو ن پيون وڃن، بجيٽ جي تياري ۾ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن وچ ۾ ويجهو رابطو ۽ مشاورت جاري رهي جنهن ۾ پارليامينٽ ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ ۽ اقتصادي سروي جاري ڪرڻ بابت معاملا به شامل آهن. ٻئي پاسي حڪومت خميس ڏينهن پاڪستان اڪنامڪ سروي 26-2025ع جاري ڪئي جنهن ۾ هلندڙ مالي سال دوران قومي معيشت جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. اقتصادي سروي ملڪ جي معاشي صورتحال جي حقيقي تصوير پيش ڪرڻ سان گڏ آئنده منصوبابندي ۽ پاليسي سازي لاءِ بنياد فراهم ڪري ٿي.






