اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان پاڪستان ۾ اسپين جي سفير ڪارلوس آراگون جي اڳواڻيءَ ۾ آيل هڪ اعليٰ سطحي هسپانوي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ جاري سڌارن، سيڙپڪاري جي جديد موقعن ۽ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سميت گڏيل دلچسپيءَ جي اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي …
توانائيءَ واري وفاقي وزير سان اسپين جي سفير جي قيادت ۾ هسپانوي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان پاڪستان ۾ اسپين جي سفير ڪارلوس آراگون جي اڳواڻيءَ ۾ آيل هڪ اعليٰ سطحي هسپانوي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ جاري سڌارن، سيڙپڪاري جي جديد موقعن ۽ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سميت گڏيل دلچسپيءَ جي اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات ۾ سفير وچ اوڀر ۾ امن ۽ اتحڪام جي قيام لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ۽ تعميري ڪردار کي خاص طور تي ساراهيو. وفاقي وزير وفد کي پاور سيڪٽر ۾ جاري جامع سڌارن کان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته حڪومت گذريل ٻن سالن دوران توانائيءَ جي ڍانچي کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن. هن واضح ڪيو ته واڌو پيداواري صلاحيت رکندڙ رٿائن جي چيئلنج کي مُنهن ڏيڻ کان پوءِ حڪومت هاڻ روايتي خريداريءَ بدران هڪ چٽاڀيٽي بجلي مارڪيٽ جي قيام طرف تيزيءَ سان اڳڀرائي ڪري رهي آهي جتي ڪاروباري ادارن وچ ۾ سڌيءَ ريت ڏي وٺ ذريعي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. ان کان علاوه نجڪاري پروگرام جي پهرئين مرحلي ۾ ٽن بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نجڪاريءَ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين ڪمپنين کي به مرحليوار ان عمل ۾ شامل ڪيو ويندو. سردار اويس لغاري وفد کي ٽرانسميشن نظام، گرڊ ڊجيٽلائزيشن، بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم ۽ جديد ميٽرنگ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاريءَ جي وسيع موقعن سان روشناس ڪرايو. هن ٻُڌايو ته سڄي ملڪ ۾ تقريبن 16 ملين بجلي جي ميٽرن کي مرحليوار ڊجيٽل نظام تي منتقل ڪيو پيو وڃي جيڪو مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي. ان کان علاوه پاور پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ ڪمپني تحت جلدي ئي تحقيق، ترقي ۽ جدت تي ٻَڌل هڪ خاص پروگرام متعارف ڪرايو ويندو. ان ذريعي نوجوانن ۽ ماهرن کي پنهنجون مختلف تجويزون پيش ڪرڻ جو موقعو ملندو جڏهن ته عمل جوڳن ۽ اثرائتي رٿائن جي حوصله افزائيءَ لاءِ خاص انعام به ڏنا ويندا. سفير ڪارلوس آراگون پاڪستان جي پاور سيڪٽر جي ترقيءَ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اسپين جون ڪمپنيون عالمي سطح تي ڊفينس ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي سيڪٽر جي شعبن ۾ وڏو تجربو رکن ٿيون. هن چيو ته هسپانوي ڪمپنين جي مهارت پاڪستان جي ٽرانسميشن ۽ ميٽرنگ نظام جي جديدڪاريءَ جي عمل ۾ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ ان حوالي سان سهڪار جا ڪيترائي امڪان موجود آهن. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين انفراسٽرڪچر جي بهتري، معلومات ۽ تجربن جي مٽاسٽا ۽ امڪاني سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ مسلسل رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.






