اسلام آباد - 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هائوسنگ واري وزارت کي اسٽيٽ بئنڪ سان گڏجي پنهنجو گهر اسڪيم جي درخواست فارم کي آسان بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان اسڪيم جي ڪاميابي سان تعميرات جي شعبي ۾ تيزي ايندي، ان شعبي سان واڳيل صنعتن کي هٿي ملندي ۽ معاشي ترقي جي رفتار وڌندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم …
وزيراعظم پاران هائوسنگ واري وزارت کي اسٽيٽ بئنڪ سان گڏجي پنهنجو گهر اسڪيم جي درخواست فارم کي آسان بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هائوسنگ واري وزارت کي اسٽيٽ بئنڪ سان گڏجي پنهنجو گهر اسڪيم جي درخواست فارم کي آسان بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان اسڪيم جي ڪاميابي سان تعميرات جي شعبي ۾ تيزي ايندي، ان شعبي سان واڳيل صنعتن کي هٿي ملندي ۽ معاشي ترقي جي رفتار وڌندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پرائيم منسٽر پنهنجو گهر اسڪيم جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم کي پنهنجو گهر اسڪيم جي هيستائين جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پنهنجو گهر اسڪيم ۾ شهرين جي وڏي انگ جو حصو وٺڻ انتهائي خوش آئنده آهي، جيڪڏهن انهي رفتار سان اڳتي وڌنداسين پنهنجي گهر جي وڌ کان وڌ خواهشمند ماڻهن جو خواب پورو ٿيندو، ان اسڪيم جي ڪاميابي سان تعميرات جي شعبي ۾ تيزي ايندي، ان شعبي سان واڳيل صنعتن کي هٿي ملندي ۽ معاشي ترقي جي رفتار وڌندي. وزيراعظم شهرين جي لاءِ پنهنجو گهر اسڪيم ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جي عمل ۾ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ، هائوسنگ واري وزارت کي اسٽيٽ بئنڪ سان گڏجي پنهنجو گهر اسڪيم جي درخواست فارم کي آسان بڻائڻ، بئنڪن کي پنهنجو گهر اسڪيم جي صحيح درخواستن جي منظوري جي عمل کي تيز ڪرڻ، پنهنجو گهر اسڪيم جي حوالي سان پوري ملڪ ۾ آگاهي مهم وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ زمينن جا ڪاغذ حاصل ڪرڻ ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ صوبن کي ضلعي سطح تي پنهنجو گهر اسڪيم جي لاءِ سهولت ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم جي مد ۾ هيستائين مجموعي طور تي 11 ارب رپين جا قرض ڏنا ويا آهن، هن سال مارچ ۾ وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم جي قاعدن ۽ ضابطن کي وڌيڪ آسان بڻائڻ کانپوءِ گهر جي خواهشمند ماڻهن جي درخواستن جي انگ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو، سڄي ملڪ مان 67900 ماڻهن درخواستون جمع ڪرايون آهن جنهن مان 16587 درخواستون منظور ٿي چڪيون آهن جڏهن ته 3146 ماڻهن کي قرضن جي ادائيگي ٿي چڪي آهي، آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي جي عمل کي ڊيجيٽل حب، سهولت ڊيڪس قائم ڪرڻ ۽ ٻين قدمن جي ذريعي وڌيڪ تيز بڻايو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان بئنڪن کي پنهنجو گهر اسڪيم جي درخواست فارم کي 15 ڏينهن جي اندر پراسيس ڪرڻ جو پابند بڻايو آهي، پارليامينٽ تازو ئي ڪونڊومينيئم ۽ فائنانشل انسٽيٽيوشن ريڪوري جا قانون پاس ڪيا جنهن سان هائوسنگ جي شعبي ۾ قانوني رڪاوٽون ختم ٿينديون ۽ ان شعبي کي هٿي ملندي، پنهنجو گهر اسڪيم جي اڳڀرائي جي نگراني جي لاءِ خصوصي ڊيجيٽل پورٽل لانچ ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، ميان رياض حسين پيرزاده، شزه فاطمه خواجه، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، پاڪستاني بئنڪن جي صدرن/ سي اي اوز، صوبائي چيف سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعلى آفيسرن شرڪت ڪئي.






