اسلام آباد-11 جون (اي پي پي ) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ٽينٿ ايونيو منصوبي جو 47 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي گذريل ٻه پي ايس ڊي پي ۾ فنڊز مقرر نه ڪرڻ ۽ رمشا ڪالوني سبب ان ۾ دير ٿي رهي آهي ملپور ۾ سفاري پارڪ ٺاهيو پيو وڃي. خميس واري ڏينهن عاليه ڪامران ۽ ٻين جي سي ڊي اي طرفان اسلام آباد …
ٽينٿ ايونيو منصوبي جو 47 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي :گهرو معاملن واري مملڪتي وزير جو قومي اسمبلي ۾ جواب

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جون (اي پي پي ) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ٽينٿ ايونيو منصوبي جو 47 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي گذريل ٻه پي ايس ڊي پي ۾ فنڊز مقرر نه ڪرڻ ۽ رمشا ڪالوني سبب ان ۾ دير ٿي رهي آهي ملپور ۾ سفاري پارڪ ٺاهيو پيو وڃي. خميس واري ڏينهن عاليه ڪامران ۽ ٻين جي سي ڊي اي طرفان اسلام آباد لوئي ڀير سفاري منصوبو، 10 هين اوينيو منصوبي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي منسوخي ۽ عملدرآمد ۾ دير بابت پڇيل سوال تي طلال چوڌري ايوان کي ٻڌايو ته اهو منصوبو 10 ايونيو لاءِ 12 ارب روپين جو منصوبو ۽ ٻه پورشن هئا . پهرين پورشن تي 47 سيڪڙو ڪم ٿيو آهي گذريل ٻن پي ايس ڊي پيز ۾ فنڊ ناهن مليا ان تي رمشا ڪالوني جي انڪروچمنٽ به آهي. انساني حقن جي نالي تي آواز اٿاريو ويندو آهي، اها هڪ ڪلو ميٽر تي ٻڌل ڪالوني آهي جيڪا قانوني به ناهي، لوئي ڀير پنجاب جو منصوبو آهي اهو ئي ٺاهي رهيو آهي اسان ملپور سفاري پارڪ لاءِ ڪنسلٽنٽ جي خدمت ورتي آهي اهو سفاري پارڪ ملپور ۾ ٺهندو هن چيو ته اسان پنهنجا منصوبا وقت کان اڳ مڪمل ڪيا آهن طلال چوڌري چيو ته پارڪ امڪليو تي مارگله ايونيو فلائي اوور جو منصوبو جوائنٽ وينچر آهي سي ڊي اي فنڊز ناهي اها ڳڏيل ڪوشش آهي سڄو ري مادل ڪري ٺاهيو ويو پيو وڃي انڊر پاس جولائي ۾ ۽ باقي حصو آگسٽ ۾ مڪمل ٿيندو ان ۾ متبادل رستا به ڏنا پيا وڃن ان سان زون فور ۾ 30 منٽن جو سفر گهٽ ٿيندو.






