اسلام آباد - 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ريلويز ۾ جامع سڌارن جي لاءِ اسٽريٽجڪ روڊ ميپ جي منظوري ڏيندي روڊ ميپ تي عملدرآمد جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن ۽ ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڪستان ريلويز ۾ سڌارن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ …
وزيراعظم پاران پاڪستان ريلويز لاءِ اسٽريٽجڪ روڊ ميپ جي منظوري، عالمي شهرت يافته ماهرن ۽ ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ريلويز ۾ جامع سڌارن جي لاءِ اسٽريٽجڪ روڊ ميپ جي منظوري ڏيندي روڊ ميپ تي عملدرآمد جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن ۽ ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڪستان ريلويز ۾ سڌارن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان ريلويز ۾ جامع سڌارن جي لاءِ اسٽريٽجڪ روڊ ميپ جي منظوري ڏني. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ريلويز ۾ عوام جي لاءِ سفر ۽ مال برداري جي لاءِ چرپر جو محفوظ ۽ سستو ذريعو بڻجڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته فريٽ سروس ريلوي نظام جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، مال برداري جي شعبي کي ترجيحي بنيادن تي فروغ ڏنو وڃي. وزيراعظم ريلوي سڌارن جي روڊ ميپ تي عملدرآمد جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن ۽ ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان ريلويز ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي هٿي ڏني وڃي. هن چيو ته ريلوي نظام جي بهترين سان رستن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو، جديد ۽ موثر ريلوي نظام ڪاربن اخراج ۾ گهٽتائي ۽ ماحول دوست چرپر جي فروغ ۾ مددگار ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ريلويز جي ترقي علائقائي رابطن جي فروغ ۽ معاشي سرگرمين ۾ اضافي جو سبب بڻجندي، ريلويز جي زمينن تي نجي شعبي جي سيڙپڪاري سان حاصل ٿيل آمدني کي ريلوي نظام جي بهتري جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي. اجلاس کي پاڪستان ريلويز ۾ جامع سڌارن جي اسٽريٽجڪ روڊ ميپ ۽ هدفن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. روڊ ميپ ۾ مسافرن ۽ مال بردار ٻنهي شعبن ۾ مارڪيٽ شيئر وڌائڻ جا هدف شامل آهن. ريلوي خدمتن جي معيار ۾ بهتري، نيٽ ورڪ جي صلاحيت ۾ اضافو ۽ مالي استحڪام روڊ ميپ جي اهم ٿنڀ هوندا. ان روڊ ميپ ۾ ريلويز جي گورننس نظام ۾ بهتري، ڊيجيٽائيزيشن، ريلوي لائينز جي توسيع، علائقائي رابطن، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي نجي شعبي جي شموليت ۽ مالي استحڪام قائم ڪرڻ جا هدف شامل آهن. جديد ڪوچز جو استعمال، ٽريننگ ۽ اسٽيشنز تي مسافرن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي، ايم ايل ون، ايم ايل ٽو ۽ ايم ايل ٿري ۽ ٻين ٽريڪس جي اپ گريڊيشن، رائيٽ سائيزنگ به سڌارن جو حصو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيما، محمد حنيف عباسي، نجڪاري وارو صلاحڪار محمد علي، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعلى آفيسر شريڪ هئا.











